ڪنڌڪوٽ ( ڊر ) ڪنڌ ڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ منير احمد کوسو ۾ 30 ورھين جي نوجوان فراز احمد کوسو گھريلو پريشانين سبب پاڻ مٿان فائر ڪري پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو ،جڏهن ته بي سيڪشن پوليس اھڙي واقعي جي اطلاع بعد واقعي واري ھنڌ پھچي ڪري نوجوان جو لاش کڻاڻي ڪنڌڪوٽ سول اسپتال آندو جتان ضروري قانوني ڪارروائي بعد پوليس نوجوان جي لاش کي سندس جي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.