گستاخاڻا بيان: برطانيا ۾ هزارين ماڻهن جو ڀارتي هاءِ ڪميشن آڏو احتجاج

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ڀارتي حڪمران جماعت بي جي پي طرفان گستاخاڻي بيانن خلاف برطانيا ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن سامهون وڏي انگ ۾ ماڻهن احتجاج ڪيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب احتجاج ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ هنن ڪيو ته ڀارتي حڪومت کي گستاخاڻي بيانن تي معافي تي مجبور ڪيو وڃي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارتي حڪمران جماعت بي جي پي جي مرڪزي ترجمان پاڻ سڳورن صه جن جي شان ۾ گستاخي ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ پارٽي کين معطل ڪري ڇڏيو هو.

بي جي پي ترجمان جي گستاخاني بيان تي ڀارت سميت سڄي دنيا جي مسلمانن ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي ۽ ڀارت خلاف سخت احتجاج ڪيو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.