ڪراچي وارن کي جهٽڪو، نيپرا بجلي مهانگي ڪري ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن لاءِ في يونٽ بجلي 6 رُپيا 40 پئسا مهانگي ڪرڻ جي منظور ڏئي ڇڏي.

نيپرا جي فيصلي موجب آڪٽوبر کان ڊسمبر 2021ع جي ٽه ماهي تحت 6 رُپيا 49 پئسا ۽ اپريل کان جون 2021 ع تائين جي ايڊجسٽمنٽ جي تحت بجلي هڪ رُپيو 33 پئسا مهانگي ڪئي وئي آهي.

جولاءِ کان سپٽمبر 2021 جي ايڊجسٽمنٽ تحت في يونٽ بجلي 95 پئسا سستو ڪئي وئي آهي جڏهن ته جنوري کان مارچ جي ايڊجسٽمنٽ تحت في يونٽ بجلي 47 پئسا سستي ڪئي وئي آهي.

بجلي اگهن ۾ واڌ وارو فيصلو وفاقي حڪومت منظوري کانپوءِ واهپيدارن تي لاڳو ٿيندو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.