ميرپورٻرڙو (ن ع آ ) ميرپورٻرڙو ٿاڻي جي حد چنا پل تي صحافي امام الدين ٻرڙو جي مامي صدورو ٻرڙو جي ڪريان جي دوڪان کي نامعلوم چور کاٽ هڻي 20000 ھزار روڪ، گيھه جا ڪارٽون، کنڊ، سگريٽ ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا، بدامني ۽ چوري جي واپسيءَ لاءِ صدورو ٻرڙو ۽ ٻين ميرپورٻرڙو پوليس خلاف احتجاج ڪيو ۽ ھنن چيو ته چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي ڏنو وڃي.