وڊيو: عدالت ۾ پيشي وقت ماءُ دعا زهرا سان ملڻ لاءِ تڙپندي رهي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پسند پرڻو ڪندڙ دعا زهرا جي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي وقت ماءُ ڌيءَ سان ملڻ لاءِ تڙپندي رهي.

دعا زهرا کي مڙس ظهير احمد سان گڏ چشتيان مان هٿ ڪرڻ کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو.

سوشل ميڊيا تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اندروني منظرن جي هڪ وڊيو وائرل ٿي وئي آهي.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته دعا زهرا جي عدالت پهچڻ تي ماءُ ساڻس ملڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر سيڪيورٽي جي مقرر اهلڪارن ماءُ کي ڌيءَ سان ملڻ کان روڪي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.