هلندڙ سال سرڪاري حج 6 لک 50 هزار رپين کان گهٽ هوندو: مذهبي معاملن وارو وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ حج جو ارادو رکندڙ ماڻهن لاءِ اهم خبر ڏيندي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير عبدالشڪور ٻڌايو آهي ته هلندڙ سال سرڪاري حج تي ساڍا ڇهه لک رپين کان گهٽ خرچ ايندو.

قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي مفتي عبدالشڪور چيو ته گذريل حڪومت سعودي ڪمپنين کان ريال ڪرنسي ۾ جنريٽس تي بڪنگ ڪئي هئي، ان تحت حج جو ريٽ هن سال 11 لک جو ٿيڻو هو پر حڪومت سعودي ڪمپنين سان بهتر ڊيل ڪري هوٽلز اڌ قيمت تي بڪ ڪيا آهن.

سندس چوڻ هو ته مڪه ۾ جن رهائشي عمارتن کي گذريل حڪومت جي دور ۾ 2600 کان 3500 ريال في حاجي بڪ ڪيو ويو هو هاڻي انهن کي 2100 ريال ۾ بڪ ڪيو ويو آهي.

ان کان اڳ گذريل مهيني مفتي عبدالشڪور اسلام آباد ۾ حج پاليسي جو اعلان ڪندي چيو هو ته حج خرچن ۾ واڌ جو امڪان آهي ۽ اهي 10 لک رپين تائين ٿي سگهن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.