ڪراچي ۾ بم ڌماڪو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، 13 ڄڻا زخمي

ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي جي علائقي صدر ۾ زوردار  ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ، جڏهن ته 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.  ڌماڪي جو پري پري تائين آواز ٻڌو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي گاڏيون تباهه ٿي ويون.  پوليس موجب ڌماڪو مرشد بازار ڀرسان  هڪ بيڪري ۽ هوٽل ٻاهران ٿيو، جتي هن وقت رات جي وقت تمام گهڻي سرگرمي ٿيندي آهي. پوليس موجب ڌماڪو ڪچري جي ڍير ۾ ٿيو جنهن کي باهه لڳي وئي ۽ ڀرسان بيٺل ڪيتريون ئي گاڏيون سڙي رک ٿي ويون.  ڌماڪي ڀرسان هوٽلن ۽ رهائشي عمارتن جا شيشا ٽٽي ويا. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته ڌماڪو ڪوسٽ گارڊ جي گاڏي ڀرسان ٿيو، پر ان جي تصديق نه ٿي آهي .ڊي آءِ جي ڏکڻ  مارجي ويل جي سڃاڻپ عمر صديق نالي ٿي آهي. زخمين کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.  قانون لاڳو ڪندڙ ادارا واقعي واري هنڌ پهچي ويا آهن ۽ ڌماڪي جي نوعيت جي جاچ ڪري رهيا آهن. ڌماڪي کان ٻه فرلانگ پري علائقي جي رهواسي منصور ٻڌايو ته هو پنهنجي گهر ۾ ماني کائي رهيو هو ته زوردار ڌماڪي سندس فليٽ کي لوڏي ڇڏيو. ايڌي فائونڊيشن جي ترجمان چيو ته ڪيترن ئي زخمين کي انهن جي گاڏين ۽ عملي واقعي واري هنڌ تان کنيو، جن کي جناح اسپتال پهچايو ويو. اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو.  پوليس موجب واقعي واري هنڌ بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي به طلب ڪيو ويو. ڌماڪي جو سنڌ جي وڏي وزير نوٽيس ورتو. سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته وڏي وزير اسپتالن ۾ ريڊ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ جناح اسپتال جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شاهد رسول ٻڌايو ته 13 زخمي جناح اسپتال آندا ويا، جن مان چئن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. مارجي ويل جي سڃاڻپ عمر صديق نالي ٿي آهي. پوليس موجب تباهه ٿيل سائيڪل ملي آهي، شڪ آهي ته ان ۾ بم رکيو ويو آهي، ڊي آءِ جي موجب موٽر سائڪل ۾ بم لڳل هو. وڏي وزير، وزيراعظم شهباز شريف به واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاران واقعي تي ڏک جو اظهارڪيو ويو. هن طبي امداد جي هدايت ڪئي.هوڏانهن صوبائي وزير شرجيل ميمڻ واقعي واري هنڌ پهچي ويو، آءِ جي سنڌ کيس بريفنگ ڏني،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.