سڪرنڊ لڳ ٽرالر جي ٽڪر ۾نابين پورهيت فوت، گهر ۾ ماتم

سڪرنڊ (ن ع آ)  سڪرنڊ ڀرسان قومي شاھراھ تي روڊ  ڪراس ڪندڙ اکين کان نابين پيرسن محمد مٺل ڪنڀر کي تيز رفتار ٽرالر جو  ٽڪر نتيجي ۾  سخت زخمي ٿي پيو اطلاع بعد ھمدرد فري ايمبولينس سروس ذريعي زخمي کي تعلقا اسپتال سڪرنڊ آندو ويو. جتي سندس حالت ڳڻتي  جوڳي ھجڻ ڪري نوابشاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو  جتي زخمن جا تاب نه  سھندي رستي ۾ فوت ٿي ويو جڏھن ته حادثي جو شڪار ٿيل نابين پيرسن سڪرنڊ  ڀرسان ڳوٺ سکيو مناھيجو جو رھواسي آهي سندس لاش گھر پھچڻ تي قھرام مچي ويو۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.