ٽنڊي آدم لڳ ڪار جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت

ٽنڊو آدم ( ن ع آ ) ٽنڊو آدم ڀرسان تيز رفتار ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر هڪ ڄڻو فوت 2 ڄڻا زخمي رپورٽ موجب ٽنڊو آدم ڀرسان پنهور  ڳوٺ وٽ  بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ٽنڊو آدم ميرپورخاص مين روڊ تي تيز رفتار ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ميرپور خاص واسي  3 ڄڻا عمران پٽ خليل راجپوت ، بلاول پٽ ياسين ۽ بلاول پٽ جمشيد راجپوت  زخمي ٿي پيا جن کي تعلقي اسپتال ٽنڊو آدم آندو ويو جتي 40 ورهين جو عمران ولد خليل راجپوت زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو  جڏهن ته ٻن زخمين کي تعلقي اسپتال ۾ طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت هجڻ سبب کين حيدرآباد روانو ڪيو ويو  ۔ ضروري ڪاروائي بعد مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي ميرپور خاص کڻائي ويا جڏهن ته ڪار جو ڊرائيور فرار ٿي ويو  بي سيڪشن پوليس ڪار ۽ موٽر سائيڪل کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ۔ خبر فائيل ٿيڻ تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو هو ۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.