شڪاگو جي شھيدن کان سنڌ جي پورھيتن تائين

تحرير: عامر انصاري

اڄ سڄي دنيا ۾ هر سال جيان پهرين مئي تي پورهيتن جو عالمي ڏينهن ڪري ملهايو پيو وڃي جنهن ۾ شڪاگو جي پورهيتن پنهنجي بنيادي حقن کي ماڻڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪري پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي اُن سامراجي سرمائيدار قوتن کي للڪاريو ۽ اُنهن کان مزدورن جا اُهي بنيادي حق ڇني ورتا جن کي سرمائيدار ظالم طبقو صدين کان محروم رکيو ويٺو هو. هر سال پهرين مئي تي سڄي دنيا جا پورهيت هٿن ۾ ڳاڙها جهنڊا کڻي رستن تي نڪرندا آهن.

ساڳي ڏينهن تي اڄ کان 136 سال اڳ 1886ع ۾ آمريڪا جي سڀني شهرن ۾ ڪم جو وقت اٺ ڪلاڪ ڪرائڻ لاءِ احتجاجي سڏ ڏنا ويا، اُهي احتجاج رسمي نه هيا پر پورهيت اُن عزم سان احتجاج ڪري رهيا هئا ته جيستائين ڪم ڪرڻ جو وقت گهٽائي اٺ ڪلاڪ نه ڪيو ويندو، هو پنهنجي جدوجهد تان پوئتي نه هٽندا. ٻين آمريڪي شهرن جيان شڪاگو ۾ پڻ هزارين مزدور، جيڪي ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ منظم هئا، هو ڏينهن جا 16 ڪلاڪ ڪم ڪندا هئا، روزانو پورهئي جو وقت گهٽائڻ لاءِ هو بيهي رهيا ته مٿن فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي پورهيت شهيد ٿيا. شڪاگو ۾ پورهيتن جي مارجي وڃڻ ۽ ڪجهه ساٿين جي گرفتاري باوجود هو پنهنجي حقن جي مطالبي کان پوئتي نه هٽيا ۽ نيٺ آمريڪي حڪومت ڪم جو وقت رسمي ۽ قانوني طور اٺ ڪلاڪ مقرر ڪيو. اُها فتح صرف شڪاگو جي شهيدن جي نه هئي پر اُن جي وارثي سڄي دنيا جي پورهيتن ۽ محنت ڪندڙن ڪئي. اُها به حقيقت آهي ته قانوني طور تي اُها جنگ ته پورهيت کٽي ويا پر کين عملي طور اُن قانون کي لاڳو ڪرائڻ لاءِ کين اَڃان وڌيڪ ڏهاڪا لڳا.

سوال اِهو آهي ته اڄ شڪاگو کي لڳ ڀڳ 136 سالن جو وقت ٿيو آهي، پر اُن جي باوجود هي ڏينهن ايتري اهميت جوڳو ڇو آهي؟ اڄ به پهرين مئي تي دنيا جي 80 ملڪن ۾ لکين پورهيت رستن تي نڪرن ٿا. پورهيتن جي جدوجهد کي ڀلي صدي گذري وئي آهي پر اڄ به ڪروڙين پورهيت اُن ڳالهه کان اڻڄاڻ آهن ته ڪي سندن حق ٿيندا آهن. جيڪي پورهيتن وٽ ٿورا گهڻا حق آهن، اُن جي پٺيان جدوجهد جي هڪ تاريخ آهي ۽ پورهيتن جي نالي تي انساني تاريخ ۾ ڪيتريون ئي بغاوتون ٿينديون رهيون آهن. رومن دور ۾ اسپارٽيڪس نالي نوجوان غلامن جي بغاوت جو نعرو بلند ڪيو ۽ ظلم خلاف منظم جدوجهد ڪرڻ جي شروعات ڪيائين، جيڪا ناڪام ته ٿي هئي پر تاريخي طور اُها مظلومن ۽ محڪومن لاءِ اتساهه پيدا ڪندي رهي آهي. ايران ۾ مزدڪ جي تحريڪ هڪ ٻي اهڙي تاريخي جدوجهد رهي آهي، جڏهن شيون پيدا ڪندڙ پورهيتن پنهنجي محنت هٿن ۾ کڻڻ ۽ پيداواري نظام تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. فرانس جي گادي واري هنڌ پيرس ڪميون جي بغاوت هجي يا سنڌ ۾ صوفي شاهه عنايت شهيد جي جهوڪ ۾ جيڪو ”کيڙي سو کائي“ وارو انقلابي نعرو ۽ روس ۾ 1917ع ۾ مزدورن جو انقلاب وغيره اُهي جدوجهدون ۽ تحريڪون اُن ڳالهه جو اظهار رهيون آهن ته گڏيل انساني محنت چند ماڻهن جي هٿن ۾ نه پر اڪثريت جو ثمر آهي، جنهن مان سڀني کي فائدو ملڻ گهرجي.

اڄ پورهيتن جي عالمي ڏينهن تي پاڪستان سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪيترائي پورهيت ڪم تي ويندا ۽ کين پنهنجن حقن جي به خبر نه هوندي. پاڪستان ۾ پورهيتن جي اڪثريت غير رسمي شعبن ۾ ڪم ڪري آهي. رجسٽرڊ پورهيت صرف سرڪاري ادارن ۾ بچيا آهن ۽ فيڪٽرين، بٺن، زمين تي پورهيو ڪندڙن منظم ناهن. اُنهيءَ منظم نه هئڻ ڪري سندن ڪو به آواز ناهي، اُن ڪري هُو سرڪار پاران مقرر ڪيل بنيادي اجرت به حاصل ناهن ڪري سگهندا. تاريخي طور تي منظم جدوجهد ئي حقن ڏيارڻ ۾ فيصلا ڪن ثابت ٿي آهي. دنيا جي تاريخي جدوجهد ۾ جيئن ته عورتن جو اوترو ئي اهم ڪردار رهيو آهي، جيترو مردن جو پر دنيا جون تقريبن سڀئي ثقافتن ۾ جاگيرداري نظام اچڻ سان گڏ عورت جي سماجي حيثيت گهٽ رهي ۽ سندس ڪم ۽ سماج اڏڻ جي ڪردار ۾ کائن اوتري اهميت نه ملي جيترو سندس ڪردار ۽ ڪم رهيو آهي. پورهيت جي حقن جي جدوجهد ۾ به مردن ۽ عورتن جو ڪردار هڪ جيترو رهيو آهي پر عورتن کي جنس جي بنياد تي نظر انداز ڪيو ويو آهي. جنهن جو سبب پدر شاهي نظام آهي، جنهن انساني سماج کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. عورت کي جنسي بنياد تي ڪمزور، نازڪ ۽ نفيس چئي سندن تاريخ ۾ ڪردار کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. جيئن هڪ جرمني جي عورت تاريخدان لکيو ته ”تاريخ جا سڀ ڪتاب ڪوڙ ڳالهائين ٿا، هو چون ٿا ته تاريخ ۾ سندس وجود ئي ناهي رهيو“. دنيا اندر صنعتي انقلاب آيو ته مرد سان گڏ عورت فيڪٽرين ۾ پورهيو ڪرڻ لڳي پر کيس مرد جي مقابلي ۾ اجرت گهٽ ملندي هئي. اُن سان گڏ عورتن جو وڏو انگ فيڪٽري ۾ ڪم ڪرڻ سان گڏ گهر ۾ ڪم ڪار ڪندو هيو، ٻار پالڻ ۽ گهر جو سڄو ڪم سندن حوالي رهيو. اُن ڪري صنعتي انقلاب کانپوءِ عورت جو ٻيڻو استحصال ٿيو. صنعتي ۽ سائنسي انقلاب سان گڏ جيئن جديد رياستن جا نوان بنياد پيا ته صرف مردن کي شهري هجڻ جا حق ڏنا ويا. عورت کي سماج، سياست ۽ معاشي معاملن بابت ٿيندڙ فيصلن کان پري رکيو ويو. گذريل سال جي هڪ رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ٻه ڪروڙ غير رسمي مزدور آهن، جن ۾ هڪ ڪروڙ 20 لک عورتون شامل آهن، جيڪي گهرن ۾ ڏهاڙي تي ڪم ڪنديون آهن، اُن سان گڏ عورتون سرن جي بٺن، ماهيگيري، زمين تي پورهيو ڪرڻ سميت هر شعبي جو حصو آهن پر سندن حالت مرد پورهيتن جي مقابلي ۾ گهڻي خراب آهي. ان جي باوجود ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ گهر ۾ ڪم ڪندڙ عورتن لاءِ قانون سازي ڪئي آهي پر اُن قانون تي عمل نٿو ٿئي. انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي جي انقلاب کانپوءِ اڄڪلهه پورهيت جي معنيٰ تمام گهڻي وسيع ٿي وئي آهي. پورهيت صرف اُهي ناهن جيڪي فيڪٽرين ۾ ڪم ڪن ٿا پر ٽيڪنالاجي، پيداوار جي نون طريقن ۽ لڳاتار تبديلي سبب نوان شعبا کُلي رهيا آهن، جن ۾ ڪم ڪندڙ اُن طريقي سان منظم ناهن، جيئن هڪ فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت هوندا آهن. سرمائيداري ۾ پيداوري ذريعي جي لڳاتار تبديلي پڻ پورهيت جي ڪردار ۾ تبديلي آڻيندي رهي آهي. سماج ۾ خانگي شعبن وڌڻ ڪري ۽ سرمائيداري مضبوط ٿيڻ ڪري پورهيت اڳي کان وڌيڪ غير منظم آهي. اڻويهين صدي جي عظيم فلسفي ۽ انقلابي ڪارل مارڪس سرمائيداري لاءِ چيو هو ته ”سرمائيداري اندر پنهنجو پاڻ ۽ هن دنيا کي تباهه ڪرڻ جو خاصيتون آهن، جن ذريعي نه صرف پورهيتن جو استحصال ٿئي ٿو پر معاشرو پڻ غير يقيني واري صُورتحال جو شڪار ٿئي ٿو“. مارڪس جون اُهي ڳالهيون اڄ سوڌو صحيح ثابت ٿي رهيون آهن، هڪ طرف دنيا جي دولت جو حصو چند ماڻهن جي هٿ ۾ گڏجي رهيو آهي ته ٻي طرف انسان ذات پنهنجي تاريخ ۾ اڄ جهڙي اڻ برابري ڪڏهن به ناهي ڏٺي.

شڪاگو جي مزدورن جنهن مقصد لاءِ قرباني ڏئي مزدورن جو مانُ مٿانهون ڪيو پر اڄوڪن يونين اڳواڻن اُنهن جي مطلب کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، اڄ به اَسان جو مزدور طبقو يونين اڳواڻن طرفان هيسايل ۽ اُنهن جو غلام بڻيل آهي، اَسان اکين سان ڏسي رهيا آهيون ته ادارن جا يونين اڳواڻ پنهنجي مزدورن سان ڪهڙو ورتاءُ ڪن ٿا، سياسي نظرياتي اختلافن کي ذاتي دشمني ۾ تبديل ڪري اُنهن مزدورن لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي وڃي ٿي جن جو اداري اندر رهڻ مشڪل بڻايو وڃي ٿو، اُهو ڪنهن هڪ اداري جي يونين اڳواڻ جو مثال ناهي. هتي سڀني ادارن جي ٽريڊ يونين جي اڳواڻن جي اُها ريت بڻجي چڪي آهي، پر منافقت جو عالمي رڪارڊ ٽوڙيندڙ اُهي. يونين اڳواڻ اُن مزدور ڏهاڙي تي پنهنجي تقريرن ۾ اهڙن ته لفظن جي چونڊ ڪري اسٽيج تي اچن ٿا ڄڻ هنن جهڙو مشڪرو ۽ اداڪار دنيا ۾ ئي نه لڀندو.

اڄ جيڪڏهن اَسان جي سرڪاري ادارن جو هي حال آهي ته ڪرپشن ۽ بدانتظامي سبب قومي ادارا مالي خساري جو شڪار بڻجي چڪا آهن ۽ اُن چوڻ ۾ به ڪو حرج ناهي ته اُنهن جي ڪمزور حالت جا ذميوار ڪرپٽ انتظاميا ۽ اُهي نام نهاد يونين اڳوڻ شامل آهن جن جي ملي ڀڳت سان ادارن کي ٻنهي هٿن سان لٽيو ۽ ڦريو آهي ته ڪو ڪوڙ نه هوندو. پاڪستان ريلوي، پي آي اي، پاڪستان اسٽيل ۽ ٻيا کوڙ ادارا جيڪي آخري آڪسيجن ماسڪ تي هلي رهيا آهن پر اُتي موجود جيڪڏهن اُنهن يونين اڳواڻن جي اٿڻي ويهڻي ۽ رهڻي ڪهڻي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هنن اڳواڻن انتظاميا سان ملي ڪري ڪيترو ناڻو لٽيو آهي. هاڻي اُهي اڳواڻ ڏسندي ئي ڏسندي پاڻ ڪک پتي مان لک پتي بڻجي چڪا آهن جڏهن ته اُهي قومي ادارا تباهي ۽ بربادي جي ڪنڌي تي پهتا آهن. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ادارن جي تباهي جا ذميوار انتظاميا ۽ يونين اڳواڻ پاڻ آهن جن جي ملي ڀڳت سان ادارن جو اُهو حال وڃي رهيو آهي پر برو ڀلو وري به حڪومت کي چيو وڃي ٿو، ”کٽيو کائي فقير ڌڪ جهلي ڀولي“ جي مثال ته پيٽ اُهي ڀري وڃن ٿا جيڪي مزدورن جي آڙ ۾ گندي سياست ڪري رهيا آهن، اُهي اڳواڻ جيڪي مزدور سان هٿ ملائڻ لاءِ تيار ناهن اُهي مزدورن جا زبردستي نمائندا بڻيل آهن. اَسان جي ملڪ مان اجتماعي سوچ ۽ اجتماعي مفاد ختم ٿي ويا آهن صرف ذاتي مفادن کي عزيز رکيو ويو آهي.

اهڙي روش ۽ روايت شڪاگو جي مزدور جدوجهد جي عين خلاف آهي جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ وري نئين سر جدوجهد ڪرڻي پوندي ۽ پنهنجي ادارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ جدوجهد جو رخ بدلائڻو پوندو تڏهن شڪاگو جي مزدورن جي روح کي سڪون ملندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.