20 فٽ ڊگهي شارڪ مڇي هٿ، مهاڻن وڪڻي ڇڏي

ڪراچي (رپورٽ:حفيظ ڦلپوٽو) ڪراچي ۾ مهاڻن کي شڪار دوران سمنڊ مان 20 فٽ ڊگهي شارڪ مڇي هٿ اچي وئي، وڊيو وائرل ڪرڻ بعد مهاڻن 20 فٽ ڊگهي شارڪ هڪ فيڪٽري کي وڪرو ڪري ڇڏي.ٻڌايو وڃي ٿو ته ابراهيم حيدري جي مهاڻن کي سمنڊ ۾ شڪار دوران ڄار ۾ شارڪ مڇي ڦاسي پئي. مهاڻن شارڪ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندي خوشي جو اظهار ڪيو مهاڻن 20 فٽ جي شارڪ کي سمنڊ ۾ واپس ڇڏڻ بدران قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي فش فيڪٽري کي وڪرو ڪري ڇڏي.ان سلسلي ۾ فشر فوڪ فورم جي چيئرمين مهراڻ علي شاهه جو چوڻ آهي ته شارڪ مڇي جو شڪار غيرقانوني آهي، قانون تي عملدرآمد نه ٿيڻ ڪري مهاڻا اُن جو شڪار ڪندا رهندا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.