سکر(رپورٽر ) خيرپور ۾ قتل ٿي ويل عالم دين مولانا علي شير حيدري جي قتل ڪيس ۾ سزا آيل جوابدار علي حسن جاگيراڻي پاران سزا خلاف داخل ڪيل اپيل جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جسٽس امجد علي سهتو ۽ جسٽس ذوالفقار علي سانگي جي عدالت ۾ ٿي گذري، ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ٺاهيل اسپيشل عدالت ۾ ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جوابدار جي وڪيل شبير شر ۽ مدعي جي وڪيل رخسار جوڻيجو پاران پيش ٿي دليل پيش ڪيا ويا، جنهن کانپوءِ عدالت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي، ياد رهي ته سال 2009 ۾ جوابدار علي حسن پاران مولانا علي شير حيدري کي قتل ڪيو ويو هو جنهن ۾ جوابدار مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 2014 ۾ جوابدار علي حسن جاگيراڻي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي جنهن کانپوءِ جوابدار سزا خلاف اپيل داخ ڪرائي هئي، جنهن جو فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي.