مٽياري ۾ عالمي حفاظتي ٽڪن جو ھفتو ملھائڻ جي حوالي سان عوام ۾ آگاهي مھم جو سلسلو شروع

مٽياري ۾ عالمي حفاظتي ٽڪن جو ھفتو ملھائڻ جي حوالي سان عوام ۾ 24 اپريل کان 30 اپريل تائين آگاهي مھم جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.

ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر مٽياري ڊاڪٽر يار محمد کوسو چيو آهي ته  حفاظتي ٽڪن بابت تمام واسطيدار کاتن ۽ اين جي اوز سان ملي سرڪاري و نجي اسڪولن سميت انھن ھنڌن تي آگاهي مھم ھلائي وڃي جتي وڌيڪ آبادي وارا علائقہ ھجن ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهن ۾ ٽڪن جي اھميت ۽ افاديت بابت شعور بيدار ٿي سگهي. ھن چيو ته والدين پنهنجي ٻارڙن کي حفاظتي ٽڪا لڳرائي پنهنجي حمايت جو اظھار ڪن ۽ ٻارڙن کي صحت جو تحفظ يقيني بڻائين. حفاظتي ٽڪن جو ھفتو ملھائڻ جو مقصد ماڻهن ۾ ارڙي، روبيلا، وڏي کنگهه، جهٽڪا، ھيپاٽائيٽس، ٽي بي سميت مختلف وچڙندڙ بيمارين کان بچاء بابت حفاظتي ٽڪن جي افاديت جي حوالي سان آگاهي فراهم ڪرڻي آهي ته جيئن والدين پنهنجي ٻارڙن کي حفاظتي ٽڪا لڳرائي انھن کي بيمارين کان بچائي سگهن—

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.