پير ڳوٺ لڳ قتل ٿي ويل ڳوٺاڻي جو ڪيس 25 ڄڻن تي داخل

پيرجوڳوٺ(ن ع آ) پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ مينگھو خروس ۾ 20 ڏينهن اڳ برادري جھيڙي ۾ قتل ٿيل علي شير خروس جو قتل ڪيس سندس ڀاڄائي مسمات ممتاز خاتون خروس جي فرياد تي جوابدار هزارو خروس، علي خان، فريد، علي احمد خروس، غازي خروس، بگو خروس، جاويد عرف ڪاٽو خروس، نصير، عزيز، شھبازي، جادو، اصغر،بخت، ثابت علي خروس، محمد حسن، گل حسن، عنايت خروس ۽ 7 نامعلوم سميت 25 جوابدارن مٿان فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آھي، جڏهن ته پوليس ڪيس ۾ نامزد ٿيل جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگھيو آھي، ياد رھي ته 20 ڏينهن اڳ خروس برادري جي هزارو خروس ۽ محمد نواز خروس وارين ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ٿي هئي جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا قتل ٿي ويا هئا. جن ۾ صيفل خروس، راجا خروس، ۽ علي شير خروس جا لاش هٿ آيا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.