درازا مان صحافي جي گهر ٻاهران ٽيليفون تارون چوري، احتجاج

راڻيپور(ن ع آ) درازا ۾ راڻيپور جي سينيئر صحافي عمران احمد فاروقي جي ڀاءُ سليم رضا فاروقي جي گهر ٻاھران لڳل پي ٽي سي ايل ڪنيڪشن  جون تارون نامعلوم چور لاھي کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آھن. ان حوالي سان صحافي عمران احمد فاروقي ”عوامي آواز“ سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڪنهن سان ڪابه دشمني ناھي اسان مسڪين ۽ شريف آھيون. منهنجي ڀاءُ جي گهر ٻاھران پي ٽي سي ايل ڪنيڪشن جون تارون لڳل ھيون جيڪي نامعلوم چور لاھي کڻي ويا آھن اسان سان وڏي ناجائزي ٿي آھي اضالو ڪيو وڃي. ھن وڌيڪ ٻڌايو ته ٻه ٽي دفعا پهريان به اھڙيون وارداتون ٿي چڪيون آھن جنهن جي پڻ پوليس انتظاميه کي شڪايت نوٽ ڪرائي آھي پر ٻڌي اڻ ٻڌي ڪئي وئي آھي. اسان جو ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ کان مطالبو آھي ته ٿيل ڏوھ واپس ڪرائي ڏنو وڃي ۽ ملوث ڏوھ ۾ چورن کي پڪڙي سخت قانوني سزا ڏني وڃي نه ته ٻي صورت ۾ راڻي پور ٿاڻي اڳيان ڌرڻو ھنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.