ناظم جوکئي جو قتل ۽ پراڻي جمود جو شڪار سماج ۾ پوندڙ ڏار

تحرير ؛ نثار لغاري

سنڌ پنهنجي سماجي عوامي ادبي سياسي فڪري شعور ۾ تمام گهڻي اڳ ڀري رهي آھي ۽ ان پنهنجي انهن عظيم آزاد قدرن جي وس آھر حفاظت پئي ڪئي آھي ۽ ھي هن وقت جيڪو به سماجي جمود پيدا ڪري سنڌ جي تعليم سماجي تاڃي پيٽي کي روڪي تباهه ڪري جمود جو شڪار ڪيو ويو آھي اهو سڀ ڪجهه انهيءَ آزاد انساني سماج قائم ڪرڻ جي ارادي ۽ تمنا کي سزا آھي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آھي

سنڌ ۽سموري هندستان ۾ چندرگپت موريا جي دور کان وٺي اڃا به پوئتي وڃجي ته موهن جي دڙي جي دور کان وٺي سماج ۾ ھڪ سماجي پنچائتي نظام رهيو هو جنهن ۾ ڪڏھن به يورپ جهڙي بادشاهتي بربريت نه هئي جيڪڏھن اها بربريت هجي ها ته اهو ڪڏھو ڪو ختم ٿي چڪو هجي ها. هتي قبيلن  برادرين جي سماجي پنچائتي صورت رهي جنهن جي ڪري سماج جي اوسر يورپ ۽ يونان کان ڌار ٿي ها اسپارٽا جي يوناني جمهوريت ۽ ھتي جي جمهوريت ۾ ڪجهه مماثلت هئي.

پراڻي ماضي کي ڇڏي فقط  گذريل ستر سالن جو ڇيد ڪجي ته  اسان جو سماج پنهنجي سماجي پنچائتي جمهوري روايتن ۾ تمام گهڻو پوئتي ويو آھي  هن وقت ته جمهوريت جي دعويدار ڌر جيڪا جمهوريت کي بهترين انتقام سڏي ٿي ان سنڌ ۾ ايوب خان ۽ ضياالحق توڙي مشرف جي روايتن کي اڳتي وڌائيندي جاگيردارن سردارن جو اهڙو ٽولو پيدا ڪيو آھي  جنهن سموري سنڌ جي سڀ طرفي ارتقا کي ته روڪي ڇڏيو هو پر هاڻ ويتر اهو هٿ ٺوڪيو جاگيرداري سرداري ۽ ڀوتارڪو نظام سنڌ جا ٻچا کائي رهيو آھي اظھارڪرڻ تي به انيڪ صحافين ۽ سماجي ڪارڪنن کي بدترين تشدد جو شڪار ڪري کين بيدردي سان قتل به ڪيو ٿو وڃي اهو سلسلو مختلف وقتن تي هلندو ٿو رهي.

تازو ناظم جوکئي کي نهايت بيرحمي ۽ جنهن بيدردي وحشي پڻي سان شھيد ڪيو ويو آھي ان هن سموري نظام ۽ نام نهاد جمهوريت جمهوريت عوام عوام جو راڳ آلاپيندڙ اقتداري پارٽي پيپلزپارٽي جي پت وائکي ڪري ڇڏي آھي. ناظم جوکئي جو ڏوهه اهو هيو جو هن  تلور ۽ ٻين جانورن جي شڪار ڪرڻ تي  سوشل ميڊيا تي آواز اٿاريو هو  ان  جي سزا کيس اذيت ناڪ موت جي صورت ۾ ڏني وئي  جنهن سموري سماج کي لوڏي ڇڏيو. حڪمران سردارن اهو سمجهيو هوندو ته سماج جئين هلي رهيو آھي ائين ئي هلندو رهندو، ٿورو گهڻو گوڙ ٿيو ته ڪجهه ڪروڙ خرچ ڪري  ماڻھن کي ماٺ ڪرايو ويندو پر هن ڀيري ماڻھن جي من ۾ ڪجهه ٻيو آھي ناظم جو کيو ته ان جي علامتي صورت آھي

سنڌ جو باشعور نوجوان جيڪو ڪجههه عرصي ۾ مايوسي جو شڪار به هو ۽ ان جي اڳيان سماج کي تبديل ڪرڻ جون سڀ راهون بند ڪيون  ويون هيون ان  کي ڪا زبردست مزاحمت گهربل هئي ڪا علامت ڪٿان ڪو آواز گهربل هيو. هن مسلسل ناانصافين ڌپ ڪري ويل آمريتي جاگيرداري سياسي نظام جنهن تي جمهوريت جو ليبل لڳايو ويو آھي ان خلاف زبردست تحريڪ شروع ڪري ڇڏي جيڪا هن وقت سوشل ۽ پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا کان ٿيندي سموري سماج ۾ ھيٺ تائين لهي چڪي آھي روزاني ڪيترائي مظاهرا ميڙاڪا احتجاج ٿي رهيا آھن جاگيرداري نظام جي هن سموري بدبودار ڪلائينٽل سسٽم کي چئلينج ڪيو پيو وڃي.

سماجي شعور هڪ واقعي جي ڪري ڪيترائي ڏاڪا اڳتي نڪري چڪو آھي ايتري قدر جو حڪمران ڌر ناظم جو کئي ۽ خيرپور ۾ عورت فهميدا سيال جي قتل ۾ ملوث پنهنجي ڀوتارن کي بچائي ٿي ته عوامي ڪاوڙ سندس خلاف سخت مزاحمت ڪندي ان جو اظھار سنڌ ٻٽي مڪاني نظام ۽ بحريا ٽائون جي پسمنظر ۾ ڪري چڪي آھي. هن وقت به اهو ئي تسلسل آھي جيڪو جبر وسيلي هڪ هنڌ کان دٻايو ويندو آھي ته وري ٻئي طرف کان پاڻ کي نروار ڪندو آھي بحرحال هي سماجيت جي دور ۾ ايڪيهين صدي جي هن تيز ترين دور ۾ جمود رهڻو ناهي عوام هاڻ پراڻي ظالم وڏيراشاهي جاگيرداري واري وحشي دور کي ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي

تاريخ ۾ ڪڏھن ڪڏھن اهڙا دور ايندا آھن جو ڪيترا ئي سال  سماج جمود جو شڪار هوندا آھن  ڪنهن به قسم جي ڪا سياسي سماجي چرپر ناهي ٿيندي. حالتون مڪمل طرح جمود جو شڪار هونديون آھن پر اوچتو ڪو هڪ واقعو انهيءَ سموري جمود کي ٽوڙي سماج کي تيزي سان متحرڪ ڪري ڇڏيندو آھي سمورو سماج ڇرڪ ڀري اٿي پوندو آھي

بحريا ٽائون جي والار جي  خلاف  ڳوٺاڻن جي مزاحمت جدوجهد ان ۾ عورتن جو شامل ٿيڻ ۽ سوشل ميڊيا تي ان جو وائرل ٿيڻ سنڌ جي سماج لاءِ ھڪ وڏو جهٽڪو هوجنهن سموري سماج کي لوڏي ڇڏيوهو .ساڳي ريت هڪ سردار طرفان پکين جي شڪار خلاف احتجاج ڪندڙ شھيد ٿيويل ناظم جوکئي جو احتجاج ۽ ان جي نتيجي ۾ سندس بي دردي سان ڪيل قتل جو واقعو هڪ غيرمعمولي واقعو ثابت ٿيو سموري سنڌ ھن واقعي تي هڪ دفعو ٻيهر بحريا ٽائون جي واقعي جيان شديد ردعمل ظاهر ڪيو  جنهن جي گونج هن وقت سموري سماج جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گونجي رهي آھي

عام طرح اهڙا واقعا ٿي رهيا هوندا آھن پر سماج هڪ حد اندر رد عمل ڏئي خاموش ٿي ويندو آھي. ظلم تي رد عمل ظاهر ڪري چپ ٿي ويندو آھي.  اهو فرض ڪيو ويندو آھي ته سماج ۾ ظلم ۽ بربريت جاري رهڻا آھن. اسين ڪجهه احتجاج ڪرڻ کان سواءِ ڇا ٿا ڪري سگهون،  اهو احتجاج به محدود انداز ۾ ھوندو

هڪ خاص مرحلي تي جڏھن عوام جو تمام وڏو ارادو جڙي چڪو هوندو آھي احتجاج سماج جي سمورن حلقن ۽ دائرن تائين ڦھلجي چڪو هوندو آھي ته ان جو عمل ۽ ردعمل ئي ٻيو هوندو آھي  هي واقعا به اهڙي قسم جا ٿيندا آھن جن جي توقع نه عام طرح ماڻھن کي هوندي آھي نه ئي خود حڪمران طبقن کي هوندي آھي.

هن وقت به سنڌ حڪومت هجي يا وفاقي حڪومت بحريا ٽائون کان پوءِ وري ٻيون  دفعو دفاعي پوزيشن ۾ آئي آھي  حڪمران طبقا جيڪي اهي ئي سردار ڀوتار ۽ وڏيرا  جيڪي عوامي ڪاوڙ ۽غم غصي کي ماٺو ڪرڻ چاهين ٿا پر هر گذرندي ڏينهن عوام خاص طرح پڙھيل لکيل سياسي ڪيڊر جو غم ۽ غصو تيز ٿيندي نظراچي ٿو

عوام جيڪو اڳ ۾ ئي مهانگائي بيروزگاري لاقانونيت جبر ڦرلٽ قومي طبقاتي استحصال جي ڪري سخت پريشان آھي اهو پنهنجي شديد ردعمل جو اظھار اهڙن واقعن ۾ ڪري ٿو هن وقت به پيٽرول بجلي گئس جي قيمتن ۾ واڌ شديد مهانگائي جي ڪري جيڪاعوامي بي چيني آھي اها پنهنجو اظھار  اهڙن واقعن جي صورت ۾ ڪري رهي آھي

هن وقت اهڙي سياسي انقلابي فڪر جي ۽ تنظيم جي ضرورت آھي جيڪا عوام جي اهڙي غيرمعمولي ردعمل کي باقاعدا هڪ عوامي ارادي ۾ تبديل ڪري هن وقت به ڪي ماڻھو اهو چئي رهيا هوندا آھن ته ناظم جوکئي جي قتل جو انجام ڇا ٿيندو. نيٺ سردار سندس خاندان کي جهڪائي ٺاهه ڪرائيندا ۽ وري زندگي جو ڪارونهوار هلندو رهندو پر کين اهو ادراڪ ناهي ته سماج جا حساس حصا هنن سڀني واقعن مان سکي رهيا هوندا آھن اهي پنهنجي اندر ۾ ڪروڌ کي پالي رهيا هوندا آھن هو پنهنجي ڪاوڙ کي گڏ ڪري رهيا هوندا آھن  اهو تجربو سموري سماج جي مجموعي سکيا ڪري رهيو هوندو آھي

هڪ بااثر سردار ڇا  اهو سوچيو هوندو ته هڪ عام معمولي ماڻھو جنهن کي هو ماڪوڙي مثل سمجهندا آھن اهي اهڙي هڪ عام ماڻھو جي قتل جي ڏوهه ۾ گرفتارٿي بڇڙا ٿيندا سندن سمورو مان مرتبو رعب مٽي ۾ ملي ويندو

هي خود هڪ نئين دور جي شروعات آھي هڪ نئين صبح جو آغاز جيڪو ڪاري رات جي پردي کي چيري هر ڀيانڪ ڪردار کي نروار ڪري ڇڏيندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.