ڊي جي ڪي ڊي اي جو نالو خارج ڪرڻ بابت رپورٽ لاءِ 3 ڏينهن مهلت

ڪراچي (رپورٽر)اينٽي ڪرپشن عدالت ۾ ڊائريڪٽر ڪي ڊي اي آصف ميمڻ جو نالو ڪيس ۾ خارج ڪرڻ واري ڪيس ۾ اينٽي ڪرپشن جي جج جي موڪلي جي ڪري لنڪ جج 3 ڏينهن جي مهلت ڏيندي خارج ڪرڻ جي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي .03

  • مري ۾ 3 چانهه ڪوپ 2 هزارن ۾ ڏنا ويا: فضا علي

ڪراچي(م ڊ) پاڪستاني اداڪارا فضا علي سخت برفباري دوران مري ۾ هوٽل جو ڪمرو وٺڻ جو پنهنجو تجربو شيئر ڪيو آهي،ف ضا علي جي يوٽيوب چينل تي شيئر ڪيل هڪ وڊيو ۾ هن ٻڌايو ته هوءَ تازو ئي هڪ پروجيڪٽ جي سلسلي ۾ لاهور آئي هئي جتان هن برفباري ڏسڻ لاءِ مري وڃڻ جو ارادو ڪيو،فضا علي موجب هن مري جي هڪ هوٽل ۾ اروما ڪيفي نالي هڪ هوٽل ۾ هڪ رات لاءِ 20 هزار رپين ۾ ڪمرو ورتو، اتي پهچڻ تي اندازو ٿيو ته انتظاميه پاران تصويرن ۾ جيڪي ڪمرا ڏيکاريا ويا هئا اهي بلڪل به نه هئا.فضا علي پنهنجي وڊيو ۾ ٻڌايو ته هوٽل جي واش روم ۾ پاڻي به نه هو، ،اداڪارا موجب ان دوران اسان 3 ڪوپ چانهه جا آرڊر ڪيا، بوتل ڏسي اسان حيران ٿي وياسين، ڇو ته 3 ڪوپ چانهه اسان کي ٻن هزارن ۾ ڏنا ويا، پر ان باوجود ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود پاڻي نه آيو ته اسان انتظاميه تي شديد ناراضگي جو اظهار ڪيو  ۽ پاڻي نه اچڻ جي صورت ۾ پيسا واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پوءِ هوٽل ڇڏي ڏنو، اڪثر هوٽلن جا مالڪ وڏا سياستدان، ڪاروباري ماڻهو ۽ وزير آهن.

  • سنڌ جو عوام وزيراعظم ڏانهن ڏسي رهيو آهي: خرم شير زمان

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف جي  سنڌ اسيمبلي۾ پارلياماني ليڊر خرم شير زمان چيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير تي  پورو ڪتاب لکي سگهجي ٿو، ڪرپشن جا سمورا باب ڇپجي سگهن ٿا، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني ليڊر خرم شير زمان چيو ته سنڌ جو عوام وزيراعظم ڏانهن ڏسي رهيو آهي، خرم شيرزمان چيو ته ٿرپارڪر ۾ ٻار بک وگهي مري رهيا آهن، لاڙڪاڻي ۾ ماڻهو ايڊز سبب مري رهيا آهن، ڪڻڪ جون ٻوريون ڪوئا کائي ٿا وڃن، هن چيو ته ان تي پارلياماني سياست جاري رکنداسين، اجلاس لاءِ ٺهراءُ جمع ڪرائينداسين.

  • ڪراچي ۾ ڪومبنگ آپريشن، 9 ڄڻا گرفتار

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي سکڻ ٿاڻي جي پوليس ڏوهارين جي موجودگي واري اطلاع تي پوليس پاران گهر گهر تلاشي ورتي وئي 9   ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار موٽر سائيڪل  چوري منشيات ماوا گٽڪا وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث آهن گرفتار جوابدارن شاهنواز ۽ اڪرم عرف اڪڙو کان 5 ڪلو کان وڌيڪ چرس برآمد ڪيو ويو آهي جوابدار کان چوري ڪيل موٽر سائيڪل ۽ ڪچو شراب، گٽڪا پوليس پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيا آهن گرفتار جوابدارن ۾ شاهنواز ولد خير محمد، اڪرم، گل زمان، ستار بلوچ، خميسو، رحمان، بشير اورنگزيب ۽ شاهنواز ولد اڪبر شامل آهن جڏهن 3 جوابدارن جي سڃاڻپ ۽ جاچ ڪئي پئي وڃي.

  • ڪراچي ۾ ڪارروايون، 5 جوابدار گرفتار، هٿيار هٿ

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي پوليس ڪارروائي ڪندي 3 منشيات فروش ۽ 2 گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، گرفتار جوابدارن مٿان پير آباد، اورنگي، پاڪستان بازار ٿاڻن تي ڪيس داخل ٿيل آهن، منشيات فروشن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جوابدارن کان وڌيڪ جاچ لاءِ جاچ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي. جڏهن ته اورنگي ٽائون پوليس ڪارروائي ڪندي اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث ٻن ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي گرفتار جوابدارن کان غيرقانوني هٿيار ۽گوليون، ۽ هڪ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي آهي. گرفتار جوابدارن  منشيات فروش مراد، صمد ، عمر گل، اشتهاري ڏوهارين ۾ عرفان، جونس عرف منا ، علي رضا، محمد بلال شامل آهن.

  • ايس آءِ ايل ايف پاران سنڌ مان سپريم ڪورٽ جو جج نه کڻڻ خلاف ريلي جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) سنڌو انڊس لائيرز فورم جي ميٽنگ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۾ ايڊووڪيٽ رشيد راڄڙ جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ ايڊووڪيٽ  خليل انصاري، ايڊووڪيٽ عاقب راڄپر، ايڊووڪيٽ عرفان ڪيريو، ايڊووڪيٽ اصغر ناريجو، ايڊووڪيٽ ساوڻ ميگهواڙ، ايڊووڪيٽ صدر الدين جتوئي، ايڊووڪيٽ انور سومرو، ايڊووڪيٽ لطيف ميربحر، ايڊووڪيٽ مختيار سمائر ۽ ايڊووڪيٽ امر حسيب پنهور شرڪت ڪئي. جنهن ۾ متفقا طور طئي ڪيو ويو ته 13 جنوري خميس جي ڏهاڙي منجهند 12 وڳي هاءِ ڪورٽ کان سپريم ڪورٽ رجسٽري تائين ريلي ڪڊي  احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو ته سنڌ جي خالي سيٽ تان پنجاب واسي جسٽس عائشا ملڪ کي کڻڻ بجاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪورٽ مان ڪنهن جج کي کنيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.