سڪرنڊ ڀرسان بااثرن جو ڳوٺ تي مبينا قبضو، متاثر سراپا احتجاج، ڌرڻو

سڪرنڊ (رپورٽ :  لطيف جمالي)سڪرنڊ ڀرسان  سنڌو درياهه جي ڪناري هڪ سئو سالن کان آباد قديـمي ڳوٺ الھداد چانڊيو جي رهواسين جو بااثر وڏيرن پاران ڳوٺ تي مبينا قبضي ۽ ڊاهڻ خلاف معصوم ٻارڙن سان گڏ سوين ڳوٺاڻن جو سخت احتجاج. خبر موجب سڪرنڊ سنڌو درياءَ جي ڪناري تي آباد ڳوٺ الهداد چانڊيو جي رهواسين محمد صالح،  حاجي امير احمد، غلام شبير مگسي، مولا بخش ميربحر ، امير بخش چانڊيو ، ملوڪ چانڊيو سميت سوين ڳوٺاڻن ڳوٺ ٻاهران احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي علائقي جي بااثر وڏيري نظر محمد انڙ ۽ غلام مصطفيٰ انڙ ، قاسم انڙ پاران روينيو عملدارن سان ملي ڪري ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي اسان کي ڳوٺ خالي ڪرڻ ۽ ڊاهڻ جو چئي رهيا آهن. هنن چيو ته اسان جا هن ڳوٺ ۾ 150 کان وڌيڪ گهر آهن اسان ابن ڏاڏن کان هن ڳوٺ ۾ آباد آهيون هينئر اسين ٻچا وٺي ڪاڏي دربدر ٿيون. اسان جي مٿان فائرنگ پڻ ڪئي وڃي ٿي. هو اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ، وزير اعليٰ سنڌ ، ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظير ۽ علائقي جي چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي آهي ته اسان جي قديمي ڳوٺ کي قبضي خورن کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ اسان احتجاج جاري رکنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.