صوبائي وزير زراعت پاران ڀاڻ جي کوٽ جو ذميوار وفاق قرار

ميرپوربٺورو (رپورٽ:شوڪت سومرو)ميرپوربٺورو جي راج انڊسٽري ۾ ڏنل آجياڻي ۽ شهيد فاضل راهو جي ورسي جي دعوتن جي سلسلي ۾ پهتل صوبائي وزير زراعت ۽ خوراڪ اسماعيل راهو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت عوام جي بهتري لاءِ ڪافي ڪوششون ورتيون آهن ۽ سنڌ جي عوام کي بهتر علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ صحت جي سٺن ادارن جو قيام عمل ۾ آندو آهي جڏهن ته روڊن ۽ رستن جي ڄار وڇائڻ سميت ترقياتي ڪم ڪرائي عوام جون مشڪلاتن کي حل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا آهن، هن چيو ته وفاق جي عوام دشمن پالسين سبب سنڌ ۾ زرعي ڀاڻ جي کوٽ پيدا ٿي آهي جنهن سان آبادگار طبقو سخت پريشان آهي، هن چيو ته سياحن جي حفاظت لاءِ اڳواٽ اپاءَ نه وٺڻ سبب ڪوه مري ۾ انساني الميي جنم ورتو ۽ ڪيترن ئي سياحن جي موت واقع ٿي جنهن جي ذميواري حڪومت تي عائد ٿئي ٿي، هن چيو ته وفاقي حڪومت جي ناقص پاليسين سبب مهانگائي ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿي ويو آهي ليڪن مهنگائي تي ضابطي لاءِ حڪومت وفاق پاران ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن جنهن سان اڃا به مهنگائي وڌڻ جو خدشو آهي، هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پاران 27 فيبروري کان ڪراچي کان اسلام آباد تائين ٿيندڙ لانگ مارچ ۾ سنڌ جو عوام ڀرپور نموني شرڪت ڪندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.