مصر ۾ ٻن بسن وچ ۾ ٽڪر، 16 ڄڻا فوت، 18 زخمي

قاهره (م ڊ) مصر جي علائقي سينا ۾ ٻن بسن وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 16 ڄڻا فوت ۽ 18 زخمي ٿي پيا. عرب نشرياتي اداري مصري گهرو وزارت جي حوالي سان ٻڌايو ته سينا شهر کان 10 ڪلوميٽر پري هڪ مقامي ڪمپني جي زرعي مزدورن کي کڻي ويندڙ بس ڪوهيئڙي سبب سامهون کان ايندڙ ڊيلٽا ڪمپني جي بس سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 16 ڄڻا فوت ۽ 18 زخمي ٿي پيا. هن ٻڌايو ته حادثي جو اطلاع ملندي ئي 13 ايمبولينسز واقعي واري هنڌ پهچي ويون .

  • ترڪي جي سرحدي علائقي ۾ ڌماڪو، 3 فوجي مارجي ويا

انقره (م ڊ) ترڪي ۾ شام سان لڳندڙ سرحدي علائقي ۾ نصب بم ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ 3 ترڪ فوجي مارجي ويا. چيني خابرو   اداري ترڪي جي دفاع واري وزارت جي حوالي سان ٻڌايو ته اهو ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن هڪ فوجي گاڏي شام جي اترئين سرحدي شهر تل ابيض مان گذري رهي هئي ته اڳ ۾ نصب ديسي ساخت جو بم ڦاٽڻ جي متيجي ۾ 3 ترڪ فوجي مارجي ويا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته مارجي ويل اهلڪارن کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

  • آمريڪا ۾  ڪورونا متاثر ٻارن جي انگ ۾ واڌ

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس متاثر پنجن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي اسپتال آمد جي شرح ۾ اضافو بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب بيمارين جي روڪ ٿام ۽ بچاءَ واري اداري جي ڊائريڪٽر موجب  ڊسمبڙ جي وچ ڌاري آمريڪا ۾ اوميڪرون ويرينٽ جي ڦهلجڻ کانپوءِ اسپتالن ۾ ننڍن ٻارن جي داخلا ۾ اضافو ٿيو آهي.انگن اکرن موجب هر هڪ لک ٻارن مان 4 کان وڌيڪ ٻار ڪورونا متاثر هجڻ سبب اسپتال پهچي رهيا آهن جڏهن ته ان کان اڳ اها شرح گهٽ هئي.هن چيو ته هن وقت ننڍن ٻارن جي اسپتالن ۾ داخلا جي شرح وبا ڦهلجڻ کانپوءِ هن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.