شيخ اياز کي هڪ هفتي تائين ڀيٽا ڏيڻ جو اعلان

حيدرآباد (رپورٽر) سنڌي ادبي سنگت مرڪز  سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز کي هڪ هفتي تائين  ڀيٽا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آھي، ان ڏس ۾ سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل پريل دايو، عورت جوائنٽ سيڪريٽري نذير ناز، جوائنٽ سيڪريٽري خاڪي جاني، خزانچي نعيم ملڪ، آڊيٽر قادر جاگيراڻي ۽ پريس ترجمان نجيب چانڊيو چيو آهي ته شيخ اياز سنڌ جو عظيم ۽ انقلابي شاعر آھي، جنهن جو  فڪري آبياري ۾ خاص ڪردار آھي، جنهن نه رڳو مزاحمتي ادب لکيو پر جيلن جون سختيون پڻ سَٺيون، سندس سِٽَ سِٽَ سُتل ضميرن جي جسم تي زوردار چهبُڪ جيان آھي. هنن چيو ته اڄ سنڌ جنهن ظلم، ناانصافي ۽ جمود مان گُذري پئي تنهن مان نڪرڻ لاءِ اڄ جي نسل کي  شاھ لطيف سان گڏوگڏ شيخ اياز جي شاعري ۽ فڪر جو سونهون ڪرڻ پڻ لازم آھي ۽ سنڌي ادبي سنگت ان ضرورت کي محسوس ڪندي ۽ شيخ اياز کي ڀيٽا ڏيندي اعلان ڪري ٿي ته 21 کان 28 ڊسمبر تائين سنگت طرفان سڄي سنڌ ۾ ڀيٽائون پيش ڪندي، ان سلسلي ۾ سنگت جي سمورن ضلعي رابطا سيڪريٽرين ۽ شاخن جي سيڪريٽرين کي اپيل ڪجي ٿي ته ميڙاڪا سڏائي ميڻ بتيون ۽ ڏيئا ٻاري شيخ اياز کي ڀيٽا پيش ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.