ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ، شرح 2 سيڪڙو کان وڌي وئي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ عالمي وبا ڪورونا وائرس جا 1345 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا ۽ وڌيڪ هڪ مريض فوت ٿي ويو آهي.

پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ  (covid.gov.pk)موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جون 46537 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 1345 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي، جڏهن ته وائرس سبب هڪ مريض فوت ٿي ويو.

سرڪاري انگ اکرن موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيلن جو گڏيل انگ 28962 ٿي ويو ۽ گڏيل طور تي  ڪيسز 13 لک 2486 تائين پهچي ويا آهن.

اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ  ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 2.22 سيڪڙو رهي.

ان کانسواءِ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 246 مريض ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيا، جنهن بعد صحتياب ٿيلن جو گڏيل طور انگ 12 لک 58332 ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.