ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ اومي ڪرون ڪيسز ۾ تيزي سان واڌ

اسلام آباد (م ڊ) ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ ڪورونا جي نئين ويرينٽ اومي ڪرون جي ڪيسز ۾ تيزي سان واڌ نظر اچي رهي آهي. پنجاب جي صحت کاتي موجب صوبي ۾ وڌيڪ 24 ماڻهن ۾ اومي ڪرون وائرس جي تصديق ٿي آهي جنهن سبب پنجاب ۾ اومي ڪرون ڪيسز جو انگ 177 ٿي ويو آهي، ٻئي طرف سنڌ جي صحت کاتي ڪراچي ۾ وڌيڪ 23 ڄڻن ۾ اومي ڪرون وائرس جي تصديق ڪئي آهي، جنهن بعد سنڌ ۾ اومي ڪرون ڪيسز جو انگ 200 ٿي ويو آهي، هوڏانهن اسلام آباد ۾ وڌيڪ 27 ڄڻن ۾ اومي ڪرون جي تصديق ٿي آهي. ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر موجب اومي ڪرون سبب متاثر ماڻهن جي اڪثريت ڪورونا کان بچاءُ جي ويڪسين ناهي لڳرائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.