حيدرآباد ۾ برسات بعد حيسڪو جا 106 فيڊر بند ٿي ويا

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ گذريل رات کان شروع ٿيل سياري جي برسات دوران حيسڪو جا 106 فيڊر بند ٿي ويا، حيدرآباد شهر برسات دوران اونداهي جي ورچڙهي ويو. گذريل رات حيدرآباد ۾ وقفي وقفي سان جاري برسات دوران حيسڪو جا 11 ڪي وي جا 106 فيڊر بند ٿي ويا، جنهن سبب حيدرآباد اونداهي جي ورچڙهي ويو، برسات دوران بجلي نه هئڻ سبب حيدرآباد واسي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور رهيا، حيسڪو جي برساتن دوران لاڳو ڪيل “رين ايمرجنسي” واري دعوي پڻ ڌوڙ ٿي وئي. هوڏانهن حيسڪو ترجمان صادق ڪٻر ڄاڻايو آهي ته حيسڪو پاران سيفٽي بنيادن تي حيسڪو ريجن جا 11 ڪي وي جا 106 فيڊر بند ڪيا ويا هئا، برسات بند ٿيڻ کانپوءِ مڪمل ڪليئرنس ڪندي بجلي بحال ڪئي ويندي، جڏهن ته هن وقت قاسم آباد ۽ لطيف آباد جا 11 ڪي وي جا 25 فيڊر بند آهن، جن جي بحالي جو ڪم جاري آهي، جيڪو پورو ٿيڻ کانپوءِ بجلي بحال ڪئي ويندي. حيسڪو ترجمان اهو پڻ ڄاڻايو آهي ته حيسڪو چيف نور احمد سومرو، چيف آپريٽنگ آفيسر عبدالرحيم سومرو، ايس اي حيدرآباد نثار احمد ميمڻ، ايس اي لاڙ عبدالغفور شيخ، پي ڊي ڪنسٽرڪشن جاويد اسحاد ابڙو ۽ ٻيا اعلى عملدار قاسم آباد ۽ لطيف آباد گرڊ اسٽيشنن ۽ پي ڊي سي سينٽرن جو دورو ڪري بجلي جي بحالي واري ڪم جي جائزو وٺي رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.