ڪراچي: سنڌ جي ساڃاهه سرداري نظام کي ٿُڏي ڇڏيو، عوامي آواز جي نعري ”سرداري نظام مان ڇوٽڪارو“ جي سري هيٺ سيمينار

ڪراچي:(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سياستدانن، سماجي اڳواڻن، قانوندانن  ”سنڌ جو هڪ ئي نعرو سرداري نظام مان ڇوٽڪار“ جو نعرو هڻندي چيو آهي ته سنڌي پنهنجي ڪلچر سان محبت ڪرڻ سان گڏ پنهنجن حقن لاءِ مزاحمت ۽ جدوجهد ڪرڻ ڄاڻن ٿا، سياسي پارٽين کي گهرجي ته عوام جو ساٿ ڏيندي سردارن کي چونڊ ٽڪيٽ نه ڏين.

سنڌ ڪلچرل ڪميٽي پاران ڪراچي ۾ سنڌ جو نعرو سرداري نظام مان ڇوٽڪارو جي سري هيٺ سيمينار ڪوٺايو ويو. سيمينا ۾ سياسي سماجي اڳوانن، قانوندانن ۽ سنڌ جي گهڻ گهرين پنهنجي خطاب ۾ سنڌي ثقافت جي اهميت کي اجاگر ڪيو.

پ پ اڳواڻ تاج حيدر چيو ته سنڌ جو عوام ٽوپي ۽ اجرڪ سان گڏ ظلم خلاف آواز اٿارڻ ۽ مزاحمت وارو ڪلچر رکي ٿو، معاشري ۾ سرداري نظام غربت ۽ جهالت جو سبب آهي، اڃا ته قبائلي، جاگيرداري ۽ سرمائيداري نظام موجود آهي، ان ڪري ناظم جوکيو جو ڪيس اسان جي پوري معاشري جو گڏيل ڪيس آهي.

 هن چيو ته هميشه جڏهن به قوم جي متحد ٿيڻ يا گڏ ٿيڻ جو  سڏ ٿيو آهي ته ورهائيندڙ قوتون ٻولي ۽ مذهبي انتهاپسندي کي وڌائي ان مان فائدو وٺنديون آهن،افسوس ته پاڪستان جي رياست ۽ رياستي ادارن عوام کي ورهائيندڙن جو ساٿ ڏنو آهي.

پيپلزپارٽي اڳواڻ جو چوڻ هو ته قوم کي ورهائڻ لاءِ ايم ڪيو ايم، ٽي ايل پي ۽ تحريڪ طالبان ذريعي غريبن کي استعمال ڪيو ويو، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته قوم کي واضع موقف اختيار ڪرڻ گهرجي ته هڪڙا ظالم ۽ ٻيا مظلوم آهن، ان کانسواءِ مذهبي انتها پسندي، سامراجيت، سردارن ۽ وڏيرن خلاف جدوجهد ۾ ڪامياب نه ٿينداسين،

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ ۾ هاڻي چالاڪيون نه هلنديون، سنڌين جون نياڻيون به باشعور ٿي ويون آهن، ان ڪري مستقبل روشن نظر اچي رهيو آهي.

سيمينار کي خطاب ڪندي نواز ليگ اڳواڻ شاهه محمد شاهه چيو ته هاڻي ته اسان جو معاشرو خان بهادرن ۽ سردارن جي پويان آهي، اسان پاڻ به ان ڏوهه ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

هن چيو ته سنڌين کي حق حاڪميت گهرجي ٿي، ان لاءِ قومي جمهوري تحريڪ هلائڻي پوندي، هن چيو ته ڪراچي سنڌ جي جان آهي، ان کي سنڌ کان ڌار ڪوٺيندڙ سازشون پيا ڪن اها سازش هلڻ نه ڏينداسين.

عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته ناظم جوکيو فطرت سان حرڪتون ڪندڙن کي چئلنج ڪيو، اسان سڀ سندس خاندان سان گڏ بيٺا آهيون، اصل قاتل سرداري نظام کي سگهه ڏيندڙ آهن.

ڊاڪٽر جبار خٽڪ جو چوڻ هو ته رڳو ٻهراڙين نه پر هاڻي شهرن ۾ به ڪجهه گروهه منظم ٿي ڪري ڀتا وٺڻ سان گڏ دادا گيري ڪري ظلم ڪن پيا.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سياسي پارٽين کي به گهرجي ته اهي سردارن کي چونڊٽڪيٽ نه ڏين، ڇاڪاڻ ته سردار عوام جو فلاح ڪرڻ بدران انهن جي ملڪيتن تي قبضا ۽ظلم ڪري پاڻ طاقتور ٿي وڃن ٿا.

سماجي اڳواڻ مسعود نوراني چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو سرداري نظام جي خاتمي جو اعلان ڪيو  عملي طور عمل نه ٿيو آهي، حڪمران، سردار ۽ بيورو ڪريسي پاڻ ۾ متحد آهن،  افسوس ته عوام جو پاڻ ۾ ايڪو نه آهي.

هن چيو ته سنڌ جي ثقافت کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ ٽوپي ۽ اجرڪ پائڻ سان گڏ پاڻ ۾ نفرتون ختم ڪري اتحاد پيدا ڪرڻو پوندو.

وڏي وزير جي اسپيشل اسسٽنٽ تنزيله امه حبيبه چيو ته سردار جو مطلب اهو نه آهي ته کيس ڪنهن تي به ظلم ڪرڻ جو سرٽيفڪيٽ مليل آهي، جيڪڏهن اسان پنهنجي حق ۽ سنڌ لاءِ متحد ٿي نه نڪرنداسين ته زمين پيرن هيٺيان نڪري ويندي.

 فاضل راهو فائونڊيشن جي سربراهه شهناز راهو چيو ته سنڌين کي سوچڻ گهرجي  ته وڏي عرصي کان سرداري نظام خلاف جدوجهد باوجود ڦل ڇو نه مليو آهي، سرداري نظام خلاف جدوجهد ۾ عورتن کي شامل ڪيو وڃي.

سنڌي عورت تنظيم جي نظير قريشي چيو ته سنڌ جي ڪلچر کي وڏيرا ۽سردار کائي ويا آهن، هاڻي سنڌ جون عورتون پنهنجي جوڌن جا قتل کين بخش نه ڪنديون، حق وٺي ڄاڻون ٿا، ان لاءِ جدوجهد ڪنداسين.

عوامي ورڪرز پارٽي جي ايڊووڪيٽ اختر حسين چيو ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ سردار پنهنجو اثر رسوخ رکن ٿا، ملڪ ۾ مذهب کي اسٽيٽسڪو طور استعمال ڪيو پيو وڃي.

 پائلر جي ڪرامت علي چيو ته 1977 واري لينڊ ريفارمز تي عمل ڪيو وڃي، سنڌ ۾ لينڊ ريفارم جي سخت ضرورت آهي، ٽيننسي ايڪٽ ۾ ترميم ڪري پارليامينٽ ذريعي ظلم ڪيو ويو،

هن چيو ته ملڪ جي چونڊ نظام ۾ اصلاح ڪري 55 سيڪڙو مقامي ماڻهن جون سيٽون هجڻ کانسواءِ پورهيتن ۽ ٻين جو ن سيٽون رکيون وڃن.

عوامي راڄ تحريڪ جي خليل شاهه چيو ته سنڌ مان سردارن ۽ وڏيرن جو نالو نشان ختم ڪنداسين، قوم پاران واقعا ٿيڻ بعد انهن جي پوئيواري نه ڪرڻ سبب وري وري واقعا ٿين ٿا.

 هن چيو ته سول سوسائٽي جي ذميواري آهي ته ناظم جوکيو جي وارثن کي انصاف ڏياري، عوام ساٿ ڏئي وڏيرن ۽ جاگيردارن خلاف وڙهنداسين.

سندس چوڻ هو ته سياسي پارٽين کي گهرجي ته اهي وڏيرن ۽ سردارن کي چونڊ ٽڪيٽ نه ڏين.

 سنڌ هاري ڪميٽي جي ثمر جتوئي چيو ته سنڌ جي ثقافت بچائڻ لاءِ اسان کي ڌارين جي آبادڪاري روڪي، پاڻي ۽ زمينن جي مالڪي ڪرڻي پوندي، ڌرتي تي ڪنهن کي به قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين.

 سماجي اڳواڻ انيس هارون چيو ته سنڌ سرداري نظام تبديل ڪرڻ چاهين ٿا ته ناظم جوکيو جي وارثن سان گڏ بيهن ۽ انصاف ڏيارين.

 هن چيو ته ناظم جي وني سرڪار جا 10 لک رپيا استعمال ڪرڻ کان انڪار ڪندي مطالبو ڪيو آهي کيس پئسا نه انصاف گهرجي.

نيشنل پارٽي جي رمضان ميمڻ چيو ته حڪومت قاتلن کي تحفظ ڏئي پئي ان ڪري عوام پاڻ کي غير محفوظ سمجهي پئي،  سردارن ۽ مهذبي جنونيت کي سرڪار هٿي ڏئي پئي.

 هن چيو ته ملڪ ۾ هڪ قوم نه گهڻيون قومون رهن ٿيون، جيڪڏهن قومن کي حق نه مليا ته  بنگلا ديش جهڙو ٻيو واقعو ٿي سگهي ٿو.

اي جي پي جي امان الله شيخ چيو ته سياسي پارٽيون ڊليور نه ڪري سگهيون آهن، ان ڪري ٻيون ڌريون ڪلچر ڏهاڙو ملهائين پيون.

هن چيو ته سنڌين کي ڌارين جي آبادڪاري، معشيت ۽ پاڻي جا معاملا حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

سينئر صحافي مهيش ڪمار چيو ته سنڌي ڪلچر رکندڙ آهن، اسان سڀ سيالڪوٽ واقعي تي شرمسار آهيون، گم ٿيل ماڻهن سميت ٻيا مسئلا پيدا ڪري سنڌ کي جنونيت ۾ ڌڪيو ويو آهي، هتي ته پوليس ۽ اسٽيٽ ئي واقعا پئي ڪرائي، هن چيو ته عوام جي مسئلن جي حل لاءِ هاڻي ميڊيا کي هاڻي ڌر ٿيڻو پوندو.

سنڌ جو هڪ ئي نعرو سرداري نظام مان ڇوٽڪارو جي سري هيٺ ڪوٺايل تقريب ۾ سنڌ ۾ مزاحمت ۽ جدجهد جي علامت بڻيل ڪردارن مائي جندو، حميده گهانگهرو، سورٺ لوهار، ام رباب، سنڌونواز گهانگهرو کي مڃتا طور ايوارڊ ڏنا ويا..

سنڌ ثقافتي ڪميٽي جي تقريب ۾ گلوڪارن سرن ۽ ناچن پنهنجي رقص سان محفل کي خوب ريجهايو، محفل ۾ ذيشان علي حيدر، زويا مظهر، مبشر سولنگي ڌرتي جاڳيت ڳائي محفل ۾ چار چنڊ لڳايا، جڏهن ته ڊانسرن مور ٿو نچي، هم بهي ديکين گي، ۽ ٻين گيتن تي رقص ڪري خوب داد ماڻيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.