سوڀيديري ۾بدامني، شهري سراپا احتجاج، ٽائر ساڙي ڌرڻو

سوڀوديرو (ن ع آ) سوڀوديرو شھر جي دڪاندارن شھرين  چوري واقعي ۽ بدامني خلاف راشد سھتو۔راز علي سھتو۔سردارغلام شبير چنا۔فيروز ڪلھوڙو۔ضمير جتوئي۔لالوسامٽيو۔ربن ملاح ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان سوڀوديرو راڻيپور  روڊ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي رڪاوٽون کڙيون ڪري ايس ايڇ او سوڀوديرو لالاامير پٺاڻ خلاف ڌرڻو ھنيو ۽ شٽربند ھڙتال ڪئي۔متاثر دڪاندار راشد سھتو چيو ته سوڀوديرو ۾ بدامني چوٽ چڙھيل آھي منشيات کلي عام ھلي رھي آھي چوويھ ڪلاڪ گذرڻ باوجود ايس ايڇ او سوڀوديرو جاء وارڌات ڏسڻ نه آيو آھي متاثر دڪاندار چيو ته سوڀوديرو شھر جي مين روڊ تان منھنجي دڪان جا تالا ڪٽي ڏوھارين ائين سامان کنيو آھي ڄڻ منھنجو دڪان ڪنھن ٻيلي ۾ ھيو ۽ سوڀوديرو پوليس غائب ھئي ھن چيو ته ٻه لک کان وڌيڪ جو سامان کنيو ويو آھي. ۔ان موقعي تي ڊي ايس پي سوڀوديرو بشير احمد شر متاثرن سان ڳالھيون ڪيو ۽ ٽن ڏينھن جي مھلت ورتي ۽ ڌرڻو ختم ڪرايو  شھرين ڊي آء جي سکر ايس ايس پي خيرپور کان گھر ڪئي ته ايس ايڇ او ھٽائي چوري واپس ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رھندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.