”فوجي زمين تي ڪمرشل سرگرميون شروع ڪيون ويون آهن، سڀ ڪجهه ختم ڪرڻو پوندو“

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد بچاءَ واري سيڪريٽري کي حڪم ڏنو آهي ته سڀني فوجي ڇانوڻين ۾ وڃو ۽ ٻڌايو ته فوجي زمين رڳو اسٽريٽجڪ مقصدن لاءِ آهي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهيءَ ۾ ملٽري لينڊ کي ڪمرشل مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

عدالت بچاءَ واري سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان وٽ لکت ۾ رپورٽ آهي؟ جنهن تي هن چيو ته لکت ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هي توهان زمين تي ڇا هلائي رهيا آهيو، زمين اسٽريٽجڪ ۽ دفاع لاءِ ڏني وئي هئي.

جسٽس گلزار احمد چيو ته توهان فوجي زمين تي ڪمرشل سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون آهن، شادي هال ٺاهيا ويا، سئنيما ٺاهيا ويا، هائوسنگ سوسائٽيون ٺاهيون ويون، ڇا اهو دفاع لاءِ آهي؟

بچاءَ واري سيڪريٽري چيو اسان فيصلو ڪيو آهي ته اڳتي ائين نه ٿيندو.

جسٽس قاضي امين بچاءَ کاتي جي سيڪريٽري جي ڇنڊ پٽيندي ريمارڪس ڏنا ته اهو توهان ڇا چئي رهيا آهيو، جيڪو ڪيو اٿو، اهو سڀ ختم ٿيندو.

چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته توهان اسلام آباد ۾ ويٺا آهيو، توهان کي خبر آهي ته هتي ڇا ٿي رهيو آهي؟ سڀني فوجي ڇانوڻين ۾ وڃو ۽ ٻڌايو ته زمين رڳو اسٽريٽڪ مقصدن لاءِ استعمال ٿيندي.

هن چيو ته مسرور بيس ڪياماڙي ۽ فيصل بيس سڀني کي ڪمرشل بڻايو ويو آهي، سائن بورڊ هٽائڻ جو چيو ويو ته ان جي پويان وڏيون عمارتون ٺاهيون ويون.

عدالت بچاءَ واري سيڪريٽري کان لکت ۾ جواب طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 30 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.