لاڙڪاڻي ڪوچ اڏي تي ڇاپو، ٻه ڊرائيور گرفتار، آفيسون سيل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي جي ضلعي انتظاميه ڪراچي ويندڙ ڪوچ جي اڏي سبب ٽريفڪ جام ٿيڻ ۽ روڊن تي پاڻي بيهجڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺي ڪوچ جي اڏي تي ڇاپو هڻي ٻن ڊرائيورن کي گرفتار ڪري ٽن ڪوچن جي آفيس کي سيل ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻي جي اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون سونيه ڪليم ۽ اينٽي انڪروچمينٽ فورس جي اهلڪارن سان گڏجي شهر جي پوليس ٽريننگ سينٽر ٻاهريان ڪراچي ويندڙ ڪوچ جي اڏي تي ڪاروائي ڪري ڪوچ جي اڏي سبب ٽريفڪ جام ٿيڻ ۽ ڪوچ ڊرائيورن توڙي ڪلينڊرن پاران روڊ تي ڪوچن کي ڌوئڻ سبب پاڻي بيهجڻ تي ٻن ڪوچ ڊرائيورن کي گرفتار ڪري ڪوچن جي ٻن آفيسن کي سيل ڪري ڇڏيو.ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو ٻڌايو ته عوامي شڪايتن تي پي ٽي ايس روڊ تي ڪراچي ويندڙ ڪوچن جي اڏي تي ڊرائيور ڪوچون روڊن تي بيهاري ڌوئيندا آهن جنهن ڪري روڊن ۾ کڏا پئجي ويا آهن ۽ ٽريفڪ جو نظام درهم برهم ٿيڻ جو خدشو آهي ان لاءِ ڪيترائي ڀيرا ڪوچ جي مالڪن ۽ ڊرائيورن کي هدايتون جاري ڪيون پر انهن عمل نه ڪيو اڄ ڪاروائي ڪري ٻن ڊرائيورن کي گرفتار ڪري ٽن آفيسن کي سيل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.