پيٽروليم ڊيلرن جي اڄ هڙتال، پيٽرول پمپن تي رش

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن اڄ کان سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو. پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن موجب 25 نومبر جي صبح 6 وڳي کان  گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ڪشمير ۽ چترال سميت سڄي ملڪ ۾  پيٽرول پمپ بند رهندا، حڪومت مطالبا مڃڻ جي خاطري ڪرائي هئي پر اڃا تائين عمل نه ٿيو. ايسوسيئيشن چيو آهي ته اسان حڪومت جي خاطري تي 5 نومبر تي هڙتال جو سڏ واپس ورتو هو پر حڪومت مطالبا نه مڃيا، جيستائين ڊيلر مارجن 6 سيڪڙو نٿو ڪيو وڃي حڪومت سان ڳالهيون نه ٿينديون. پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن موجب خميس کان اڻڄاتل مدي تائين سڄي ملڪ ۾ هڙتال ڪنداسين پر ايمبولينسن کي پيٽرول جي فراهمي جاري رکي ويندي. هوڏانهن پي ايس او هڙتال کان لاتعلقي ڏيکاري ڇڏي آهي. پي ايس او جا ڪمپني پاران هلندڙ پيٽرول پمپ کليل رهندا، ٻين پمپن تي به فراهمي جاري رهندي. شيل ڪمپني به هڙتال کان لاتعلقي ڏيکاري آهي. هوڏانهن پيٽروليم وزارت جو چوڻ آهي ته منافعي واري سمري اي سي سي موڪلي وئي آهي. 10 ڏينهن اندر منافعي جو معاملو حل ڪيو ويندو.  ترجمان چيو ته اڄ هڙتال نه ٿيندي، سڀني پيٽرول پمپن تي تيل بنا رنڊڪ جي فراهم ڪيو ويندو. پي ايس او ڪمپني جي ملڪيت هيٺ هلندڙ پمپن جي فهرست به جاري ڪئي آهي، جنهن موجب سڄي پاڪستان ۾ اهڙن پيٽرول پمپن جو انگ رڳو 23 آهي، جن مان وڌ کان وڌ 7 پمپ ڪراچي ۾ آهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.