اخروٽ ۽ انجير کائڻ جا فائدا

انجير کي بادام جي مغز ۽ اخروٽن سان گڏ ملائي استعمال ڪجي ته خطرناڪ زهرن کان محفوظ رکندو آهي جيڪڏهن بخار دوران مريض جو وات ٿوري ٿوري دير کانپوءِ خشڪ ٿي وڃي ته انهن ميون جو ٿورو مقدار وات ۾ رکبو ته فرق پئجي ويندو.

خشڪ ميون جو سياري جي موسم ۾ استعمال گهڻو فائديمند سمجهيو ويندو آهي، پر رڳو سياري ۾ ئي نه پر جيڪڏهن توهان انهن جو استعمال گرمين ۾ به ڪندا ته توهان کي بهترين نتيجا ملندا.

انجير کي جنت جو ميوو چيو ويندو آهي، انجير جو شمار عام ۽ مشهور ميون ۾ ٿيندو آهي، انجير ڪمزور ۽ سنهڙي ماڻهن جي لاءِ گهڻو فائديمند آهي اهو جسم کي طاقتور ۽ چهري کي ڳاڙهو ۽ اڇو بڻائيندو آهي.

انجير ٻين ميون جي ڀيٽ ۾ نازڪ ميوو آهي ۽ پچي وڃڻ کانپوءِ پنهنجو پاڻ ئي ڪِري پوندو آهي انکي ٻئي ڏينهن تائين محفوظ رکڻ به وڏو ڏکيو هوندو آهي، جيڪڏهن انجير کي فرج ۾ رکيو وڃي ته اهو شام تائين ڦاٽي پوندو آهي، انکي استعمال ڪرڻ جي لاءِ خشڪ ڪرڻو پوندو آهي، انجير کي خشڪ ڪرڻ جي لاءِ سڀ کان پهريون انکي سلفر سان ڌوتو ويندو آهي ته جيئن اهو جراثيمن کان پاڪ رهي ۽ آخر ۾ لوڻ جي پاڻي ۾ ٻوڙيو ويندو آهي ته جيئن سڪڻ کانپوءِ نرم انجير کائڻ ۾ خشڪ ٿي وڃي.

انساني دماغ جي صورت وارو خشڪ ميوو اخروٽ عذائيت سان ڀرپور هوندو آهي، اِهو اُهو غذائي ميوو آهي جيڪو دماغ کي صحت ڏيندو آهي، اخروٽ سان دماغ کي طاقت ملندي آهي.

اخروٽ جي تيل جي مالش فالج ۽ اڌرنگي ۾ فائدو ٿيندو آهي، سياري جي موسم ۾ اڪثر جوڙن جي سُور جي تڪليف رهندي آهي، دل ۽ رت جي وهڪري واري نظام ۾ به فائديمند ثابت ٿيندو آهي، ڊاڪٽر جي مشوري سان اخروٽ کي کائڻ سان ڪوليسٽرول کي نارمل سطح تي رکيو ويندو آهي، انکانسواءِ اخروٽ ڪينسر جي امڪاني حملي کان به پاڪ رکندو آهي.

حمل دوران ڊاڪٽر جي مشوري تي استعمال ڪجي ته ماءُ جي بلڊ پريشر کي نارمل رکندو آهي انکانسواءِ پيدا ٿيندڙ ٻار جي اکين ۽ دماغ جي لاءِ به وڏو فائديمند آهي. ان جو تيل استعمال ڪرڻ سان مٿي ۾ جوئن ۽ خشڪي مان به ڇوٽڪارو ملندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.