پاڪستان جي نوجوانن ۾ دل جي بيمارين جا انڪشاف، سبب ۽ حل

دل جي بيمارين جي ماهرن انڪشاف ڪيو آهي ته سڄي پاڪستان ۾ 40 سالن کان گهٽ عمر جا ماڻهو دل جي بيمارين جو شڪار ٿي رهيا آهن.

پاڪستان ڪارڊيڪ سوسائٽي تحت ڪوٺايل دل جي مرضن جي ڪانفرنس ”ڪارڊيو ڪون“ ڪوٺائي وئي.

دل جي بيمارين واري قومي اداري سان سلهاڙيل ڊاڪٽر جاويد اڪبر سيال ٻڌايو ته پاڪستان ۾ عير صحتمند طرز زندگي، سگريٽ نوشي ۽ ٿولهه جي ڪري نوجوانن ۾ دل جون بيماريون وڌنديون پيون وڃن ۽ هاڻي دل جي اسپتالن ۾ 25 کان 40 سالن تائين عمر جا ماڻهو دل جو دورو پوڻ سبب وڏي انگ ۾آندا وڃن ٿا.

ڊاڪٽر جاويد اڪبر سيال چيو ته پاڪستان ۾ نوجوانن ۾ ٿولهه جي شرح وڌندي پئي وڃي جنهن جو بنيادي سبب غير صحتمند کاڌا ۽ ورزش کان لنوائڻ آهي.

هن ان موقعي تي ماڻهن کي مشورو ڏنو ته اهي صحتمند طرز زندگي اختيار ڪن، سگريٽ واپرائڻ کان پاسو ڪري سادي زندگي گذارن جڏهن ته پنڌ هلڻ زندگي جو لازمي حصو هئڻ گهرجي.

ڪانفرنس دوران وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ٿولهه گهڻين بيمارين جو بنياد آهي ۽ اها دل جي دوري ۽ فالج جو سڀ کان وڏو سبب آهي.

پاڪستاني مردن توڙي عورتن ۾ ٿولهه وڌندڙ پيٽ جي صورت ۾ نظر ايندي آهي انڪري عوام کي گهرجي ته اهي روز ورزش کي پنهنجي عادت بڻائين ۽ سادا کاڌا کائي پنهنجي جسم کي صحتمند بڻائين.

ورزش ڪرڻ جي لاءِ جوگرز، ٽريڪ سوٽ ۽ پارڪ ۾ وڃڻ ضروري ناهي، ورزش پنهنجي گهر جي ڪمري ۾ رهندي به ڪري سگهجي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.