ننگرپارڪر ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي، کليل کوهه ۾نينگر ٻڏي فوت

مٺي(رپورٽ: غازي بجير) ننگرپارڪر شهر ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي هڪ معصوم نينگر کان حياتي کسي ورتي آهي ،شهر ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي جي واٽرسپلاءِ اسڪيم واري کليل کوهه ۾ پورهيت پرڀو ميگهواڙ جو 14سالن جو پٽ وڪرم ميگهواڙ ڪري ٻُڏي فوت ٿي ويو، ڀر ۾ بيٺل ماڻهن پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس ٽوٻا گهرائي لاش ڪڍرائي وارثن حوالي ڪيو،جڏهن ته لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو،ٻُڌايو پيو وڃي ته نينگر لکڻ ڀارتي مندر وٽ ڪاتڪي پونم جو ميلو گهمڻ لاءِ آيل هو، رات جو نينگر ميلي دوران ميدان ۾ سُتل هو، برسات اچڻ بعد نينگر ننڍ مان اُٿي گهر طرف روانو ٿيو ته چند فوٽن تي کليل کوهه ۾ هو ڪري پيو، موقعي تي ماڻهن رڙيون ٻُڌي ڏٺو ته نينگر تڙپي رهيو آهي، بعد ۾ رسن  ذريعي ٻاهر ڪڍيو پر هُو ٻُڏي فوت ٿي چُڪو هو، لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.