گهارو ۾ پ ٽ الف ضلعي ٺٽي جي صدر جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو

گهارو ( ن ع آ ) پ ٽ الف ضلعي ٺٽي جي صدرمرحوم سيدارشادحسين شاھ بخاري جي ياد ۾ مين بوائز پرائمري اسڪول گهارو ۾ ھڪ تعذيتي ميڙاڪو منعقدڪيو ويو.جنهن ۾ پ ٽ الف اڳواڻن استادن معزز شھرين مرحوم  جي وارثن دوستن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.مرحوم سيدارشادحسين شاھ بخاري جي علمي ۽ تعليمي خدمتن کي ساراهيندي کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪئي.ميڙاڪي کي خطاب ڪندي پرائمري اسڪول گهاروجي هيڊماسترعبدالقادرپهنور.پ ٽ الف جي قائم مقام ضلعي صدرخيرمحمدبروهي.تعلقوٺٽو جي صدر غلام مصطفي.تعلقي ساڪروجي صدرحيدر ڪلمتي.حيدرسٺيو.پريس ڪلب گهاروجي صدرذوالفقار خاصخيلي.اڳوڻي چيئرمين اسماعيل رند ۽ ٻين چيو ته سيد ارشاد حسين شاھ جدوجهد جي علامت هو.جنهن هر فورم تي تعليم جي بهتري ۽ استادن جي حقن خاطرصدا بلند ڪئي.مرحوم جي خدمتن کي ڪنهن به ريت نظرانداز نٿوڪري سگهجي.سندس وڇوڙي سبب اسان هڪ دلير اڳواڻ ۽ بهترين شخصيت کان محروم ٿي ويا آھيون،انهيءَ  موقعي تي مرحوم جي مغفرت لاءِ دعا ۽ ايثال ثواب خاطر لنگر جو پڻ اهتمام ڪيو ويو.

  • پوليس مڙس کي بيگناهه قتل ڪيو: گهاري واسڻ

ٺٽو(ڊ ر) گھاري ڀرسان 3 مھينا پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ھاري صدرالدين ولھاري جي بيواھه دادلي ولھاري پريس ڪلب ٺٽو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دانھيو آھي ته پوليس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي سندس مڙس کي ماري کيس بيواهه ۽ سندس ٻچن کي يتيم بڻايو آھي، انصاف ڪيو وڃي. ھن چيو ته سندس مڙس جي قتل ۾ ملوث پوليس اھلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي پر عدالت اھا درخواست اھو چئي رد ڪري ڇڏي ته ھڪ واقعي جا 2 ڪيس داخل نٿا ٿي سگھن ۽ ان سان گڏ جاچ آفيسر کي اھو پڻ حڪم ڪيو ته اسان جو بيان رڪارڊ ڪيو وڃي.. ھن چيو ته ايس ايڇ او ممتاز بروھي بيگناهه منھنجي مڙس کي قتل ڪري پوليس جي دھشت قائم ڪرڻ لاءِ شھر ۾ منھنجي مڙس جي لاش جي بيحرمتي ڪئي ۽ لاش کي رلائيندا رھيا. ھن چيو ته ڪيس ۾ دير سبب اسان جي زميندار ڊاڪٽر نعيم سان گڏ ٺٽي جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي آھي، جتي انصاف جي اميد آھي. ھن چيو ته آئون پنھنجي مڙس جي ناحق قتل ۽ انصاف جي حاصلات تائين جدوجھد جاري رکندس.

  • ميرپورخاص جي مقتولڻ جي سسي نه ملي، جوابدارن جو رمانڊ

ميرپورخاص(رپورٽ: صالح اوٺو ) ميرپورخاص ۾هفتو اڳ ثنا پنهور کي بيدردي سان ڪهي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ رفتار ڪيل جوابدارن شوڪت پنھور ۽ عامر پنھور جو ٽن ڏينھن جو رمانڊ پورو ٿيڻ بعد گذريل ڏينهن سٽلائيٽ ٽائون پوليس جوابدارن کي ٿرڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ ميرپورخاص جي عدالت ۾ پيش ڪيو، پوليس جي درخواست تي عدالت سڳوري جوابدارن کي 3 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو،

 

ياد رھي ته گرفتار جوابدار  مقتول ناري جي ڀاڻيجي عامر پنھور اڳ ميڊيا آڏو اعتراف ڪيو ھو ته ھن  غيرت ۾ اچي ثنا کي قتل ڪيو، ڇو ته  مون  ثنا ۽ سئوٽ شوڪت علي کي ڪمري ۾ اعتراض جوڳي حالت ۾ ڏٺو ھو ۽ غيرت  ۾ اچي سرون ھڻي قتل ڪيو قتل ٿي ويل عورت جي سسي کي پوليس ڳولهڻ ۾ ناڪام رهي آهي ان حوالي سان ايس ايڇ او سيٽلائٽ ۽ ڪيس جو جاچ آفيسر غازي راڄڙ ٻڌايو ته قتل ٿي ويل عورت جي سسي ھٿ اچي نه سگھي آھي جوابدارن کان پڇاڳاڇا جاري آھي. عورت جي سسي ڳولهڻ لاءِ وڌيڪ پوليس رمانڊ ورتو آھي ۽ جاچ جاري آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.