نوجوان جي اغوا سان تعلق ناهي، لاڙڪاڻي ۾ احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ڀرسان نوجوان جي مبينا اغوا ٿيڻ بعد بازياب ٿيڻ وارو معاملو، الزام هيٺ آيل ڌر نوجوان جي اغوا واري معاملي کان لاتعلقي ظاهر ڪندي نوجوان کي قاتل قرار ڏيندي سندس مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ان حوالي سان تعلقي سجاول جوڻيجو جي ڳوٺ ڪوٽ ابراهيم جي وانڍ جي رهواسي نادر حسين شر پنهنجي ڀاءُ عبدالجبار شر ۽ ٻين وارثن سان گڏجي سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيندي چيو ته گذريل 26 محرم الحرام جي ڏينهن عرفان شر پنهنجي چئن ساٿين سان گڏجي مجلس بعد محبوب جي بنگلي ڀرسان جهنگ ۾ زنا جي ارادري سان کڻي کيس گهٽا ڏئي تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو واقعي بعد اسان نينگر جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ۽ ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ حد جي ميروخان ٿاڻي تي وياسين پر پوليس اسان جي اين سي داخل ڪري موٽائي ڇڏيو. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسان جي نينگر کي قتل ڪندڙ عرفان شر کي اسان عورتاڻي آواز ۾ گهرائي پڪڙڻ بعد ميروخان ٿاڻي جي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. جيڪو ميروخان ٿاڻي ۾ لاڪپ به هو پر ان جي وارثن کيس اغوا ڪرڻ جو ڪوڙو ڊرامو رچائي ويڊيو وائرل ڪري اسان مٿان الزام لڳايو ته اسان کيس اغوا ڪيو آهي جنهن ڳالهه ۾ ڪا به صداقت ناهي. هن چيو ته اسان پاڻ عرفان کي پڪڙيو ۽ بعد ۾ ايس ايڇ او ميروخان واحد بخش لاشاري حوالي ڪري ڇڏيو پر ان معاملي ۾ ايس ايڇ او ڪنگا به ملوث آهي خبر ناهي ته عرفان کي ڪنهن آزاد ڪرايو ۽ خبر پئي آهي ته عرفان کي لاشاري ٿاڻي جي حد ۾ ڇڏيو ويو جيڪو بعد ۾ ٽنڊيل احمد علي شر کي مليو. هن چيو ته نينگر به اسان جو قتل ٿيل آهي ويتر ماهوٽا پوليس منهنجي پيءُ شاهنواز شر کي گرفتار ڪري کڻي وئي ۽ اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن اسان پنهنجي نينگر جي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ قمبر جي عدالت ۾ درخواست ڏني آهي ۽ تمام جلد اهڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائي ويندي. هن مطالبو ڪيو ته نينگر جي قتل ۾ ملوث عرفان شر ۽ ٻين کي گرفتار ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪري گرفتار پيءُ شاهنواز شر کي آزاد ڪري ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.