نسلا ٽاور متاثرن کي معاوضو ڪير ڏيندو؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران دليل طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس فيصل ڪمال عالم تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ نسلا ٽاور جي متاثرن معاوضو ڏيڻ لاءِ ايم ڪيو ايم جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جسٽس فيصل ڪمال رمارڪس ڏيندي  چيو ته نسلا ٽاور  بابت ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ۾ هلي رهي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ساڳي ڪيس جي ٻڌڻي ڪيئن ٿي ڪري سگهي؟ جسٽس فيصل ڪمال عالم وڌيڪ چيو ته اهڙي درخواست سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وڃي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ نظرثاني جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، جسٽس ظفر احمد راجپوت رمارڪس ڏيندي چيو ته پوءِ درخواست ٻڌڻي جي قابل ٿي سگهي، هن مهل تائين اهو طئي نه ٿي سگهيو آهي ته متاثرن کي معاوضو ڪير ڏيندو؟ عدالت چيو ڪهڙي معاوضي جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو؟ عدالت نسلا ٽاور بابت فيصلن جون ڪاپيون ۽ درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ بابت دليل طلب ڪري ورتا آهن، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 8 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته عدالت کين ٻڌڻ کانسواءِ ٽاور کي ڪيرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي هن مهل تائين اهو طئي نه ٿي سگهيو آهي ته متاثرن کي معاوضو ڪير ڏيندو؟.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.