سنڌ جي وحدت خلاف سازشون ٿي رهيون آهن:صنعان قريشي

حيدرآباد (پ ر ) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي پڌرائي ۾ چيو آهي ته حڪمرانن سنڌ کي بدامني، دهشتگردي، ڦرلٽ ۽ ڪرپشن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ امن امان جي صورتحال سنگين ٿي وئي آهي، پوليس ۾ سياسي مداخلت سبب پوليس امن امان ڪرڻ ۽ ماڻهن کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، حڪمران رڳو ڪرپشن ۾ پورا آهن، عوام ماڻهو مهانگائي، بک، بدحالي کي ڀوڳي رهيو آهي، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته سنڌ ۽ وفاق جي نااهل حڪمرانن خلاف اُٿي کڙو ٿي، سنڌ جي وحد خلاف ٿيندڙ سمورين سازشن کي ناڪام بڻائي سگهجي ٿو، جڏهن ته ٻئي پاسي نوشيروفيروز جي شهر درياءَ خان مري پوليس ٿاڻي جي حد ۾ قتل ٿيل جسقم ڪارڪن اُستاد خالد پلھ جي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۽ ضلعي ۾ بدامني خلاف 18 نومبر تي نوشهروفيروز ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويو آهي، جنهن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ جسقم نوشهروفيروز ضلعي جا اڳواڻ امتياز کوسو، امين ڪلھوڙو ، پير راجا ۽ ٻيا اڳواڻ شهرين کي احتجاج ۾ شرڪت لاءِ دعوتون ڏئي رهيا آهن.

  • خيرپور ۾قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي عمر قيد

خيرپور(ڊ ر) خيرپور ۾ تڪڙا ڪيس اڪلائڻ لاءِ قائم ڪيل ڪرمنل ماڊل ٽرائيل ڪورٽ جي اسپيشل جج محمد اسلام الحق آرائين جي عدالت ۾ ميراوهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ بگو دڙو ۾ زميني تڪرار تان 14 اپريل 2017 تي لٺين ۽ لوهي سريهن سان قتل ڪيل ڳوٺاڻي ڪريم بخش ولد قادر بخش ڪٻر جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري. جنهن دوران ڪيس ۾ ملوث ڄاڻائيل جوابدارن مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار سچي ڏنو ولد علي ڏنو ڪٻر کي عمرقيد ۽ پنج لک روپيه ڏنڊ ۽ جوابدار قربان علي ولد ميهر علي ڪٻر کي ست سال قيد بامشقت ۽ اسي هزار روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي پوليس جي سخت پهري هيٺ سينٽرل جيل خيرپور منتقل ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.