ثاقب نثار ڪير ٿيندو آ مون کي واڌ ڏيڻ وارو؟ راڻا شميم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان جي سپريم ايپليٽ ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس راڻا ايم شميم چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار کي منهنجي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جو ڪو اختيار نه هو.

راڻا ايم شميم جي الزامن تي ثاقب نثار چيو هو ته هو مون کان چيف جسٽس طور واڌ گهري رهيو هو، جيڪا مان منظور نه ڪئي ۽ هڪ ڀيرو راڻا شميم واڌ نه ڏيڻ تي مون کي ميار به ڏني.

هاڻ خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي راڻا شميم چيو آهي ته ثاقب نثار گلگت ۾ منهنجو مهمان هو، مان ثاقب نثار جي گلگت اچڻ تي ڪو سرڪاري خرچ نه ڪيو هو ۽ خبر ۾ ڏنل ڳالهين تي قائم آهيان.

هن چيو ته مون کي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي ضرورت ئي محسوس نه ٿي ۽ ثاقب نثار وٽ قانون موجب مون کي واڌ ڏيڻ جو اختيار به نه هو، ثاقب نثار ڪير ٿيندو آ مون کي واڌ ڏيڻ وارو؟

سندس چوڻ هو ته حلف نامو ڪڏهن ۽ ڪنهن کي ڏنو، اهو في الحال نٿو ٻڌائي سگهان پر گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جون سپريم ڪورٽس، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ماتحت ناهن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي واڌ ڏيڻ جو اختيار وزيراعظم کي آهي.

راڻا شميم چيو ته مان ڪا سياسي شخصيت ناهيان، نه سياسي بيان ڏيندس، جيڪي به حقيقتون هيون اهي سامهون آنديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.