ڏوڪري ۾ڪتاب ” ڇوڙيون بند اسيرن جا “ جي مهورتي تقريب

سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري پاران جهوني شاعر غلام محمد جوڻيجي جي شاعري جو ڪتاب ڇوڙيون بند اسيرن جا جي مهورتي تقريب ڊگري ڪاليج ڏوڪري ۾ ننگر چنا جي صدارت هيٺ  گڏجاڻي ٿي گذري آهي جنهن ۾ خاص مهمان ايڊووڪيٽ ستار هليو، صاحب ڪتاب غلام محمد سنڌي، انور ڏنگڙائي، ادل سولنگي ۽ ظهير بسمل هئا جڏهن ته وفا صالح راڄپر، ڪامريڊ بچل سولنگي، سڄڻ سنڌي ۽ ٻين ڪتاب تي ڳالهائيندي چيو ته هن ۾ ڌرتي جي دانهن آهي، هنن چيو ته غلام محمد سنڌي قومي تحريڪ جو وڏو نالو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.