ميرپور ماٿيلو، اينٽي ڪرپشن سکر جو پبلڪ ھيلٿ انجينئر جي آفيس تي ڇاپو، رڪارڊ ضبط

ميرپور ماٿيلي ۾ اينٽي ڪرپشن سکر پاران پبلڪ هيلٿ انجينيئر آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ ضبط ڪيو ويو.

اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عبدالحق قريشي جي اڳواڻي ۾ اينڪٽي ڪرپشن سکر جي ٽيم پبلڪ هيلٿ انجينيئر آفيس تي ڇاپو ھڻي 2020۽ 2021 جو رڪارڊ پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

ان موقعي تي اسسٽنٽ ڊاريڪٽر عبدالحق قريشي چيو ته عوامي شڪايتن تي اعليٰ آفيسرن جي حڪم تحت ڇاپو ھنيو آھي 2020ع ۽ 2021ع جو رڪارڊ تحويل ۾ ورتو آھي جنھن جي مڪمل جاچ ڪرڻ بعد رپورٽ پيش ڪري ڪرپٽ عنصرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.