لاڙڪاڻو: سهيل انور سيال جي خيرپور جوسو ۾ مقتول فھميده سيال جي وارثن سان تعزيت

قمبر جي ڳوٺ خيرپور جوسو ۾ مقتول عورت فھميده سيال جي تڏي تي MPA سھيل انور سيال پھچي مقتول عورت جي وارثن سان تعزيت ڪندي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي سهيل انور سيال جو چوڻ هو ھن وقت سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ قائم آھي، قانون ڏاڍ آڏو بيوس بڻيل آهي، نياڻي فھميده سيال جي واقعي تي ڳالھائڻ لاء لفظن نه آهن.

هن چيو ته نياڻي کي گھر ۾ گھڙي گوليون ھڻي سري عام قتل ڪرڻ ۽ وري پاڻ کي بي قصور چوڻ شرم جھڙي ڳالھ آھي منھنجو سياسي واسطو ڀلي ڪنھن به پارٽي سان ھُجي پر منھنجون ھمدرديون متاثر نياڻي جي سوڳوار خاندان سان آھن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.