رھڙڪي ، کھڙا ، ٽنڊوغلام حيدر ، ڀان سيدآباد ۽ قمبر جون خبرون

رھڙڪي ۾ سائين سترام داس جي 155 هين جنم ڏينهن تي ساليانو  ميلو

کهڙا:  فوت ٿي ويل استاد محبت علي سومري جي پونئرن سان تعزيت جو سلسلو جاري

ٽنڊو غلام حيدر : ٽائون ڪميٽي جي ملازمن پاران پگهارون نه ملڻ خلاف 26 هين ڏينهن به احتجاج

ڀان سيد آباد: 2 سالن جو نينگر اک جي ڪينسر  ۾ مبتلا ،غربت سبب علاج ڪرائڻ کان قاصر

3ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل گل حسن چانڊيو  ۽ سندس گهر ڀاتي بازياب، گهر پهچي ويا

1

رھڙڪي ۾ سائين سترام داس جي  155 هين جنم ڏينهن تي ساليانو ميلو ملهايو پيو وڃي،  ڏيهي توڙي پرڏيهي مريدن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي هندو درٻار جي گادي نشين سائين ساڌ رام جي ڀاءُ سائين وڪرم لعل ۽ شيواداري اشوڪ ڪمار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  سائين سترام داس جي 155 هين جنم ڏينهن جي موقعي تي ٽي ڏينهن ميلو لڳايو ويندو آهي جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ مريد اچن ٿا ۽ رهڙڪي ۾ ايس ايس ڊي  طرفان مفت ميڊيڪل ڪئمپ به  قائم ڪئي ويندي آهي جنهن ۾ اسپيشلسٽ ڊاڪٽر مفت  چيڪ اپ ڪرائيندا آهن ۽ مريضن کي مفت  دوائون ڏنيون وينديون آهن ، ميلي ۾ ايس او پيز جو خاص خيال رکيو پيو وڃي. ٻئي پاسي ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ سيڪورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا.

2

ڪراچي ۾ ڊينگي وائرس بخار وگهي فوت ٿي ويل گمبٽ واسي ناليواري تعليمي ماهر استاد محبت علي سومري جي لاڏاڻي تي سندس جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آھي،  گسٽا جي مرڪزي اڳواڻ استاد نورالدين پنهور. تعلقه ايجوڪيشن آفيسر گمبٽ محمد مشڪ رتڙ. ناليواري شاعر نوجوان ليکڪ عبدالرزاق اڄڻ. سينئير صحافي عبدالحڪيم شر. عبدالڪريم شر. ايڊووڪيٽ محمد ايوب لاڙڪ ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن. استادن گمبٽ تڏي تي پهچي سندس وارثن ادريس سومري. استاد حليم الله سومري. استاد نعمت الله سومري ۽ ٻين سان تعزيت ۽ گهري ڏک جو اظھار ڪيو ۽ چيو ته استاد محبت سومرو هڪ بهترين فرض شناس استاد هو

3

ٽنڊوغلام حيدر ٽائون ملازمن کي رهيل پگهارون جاري نه ٿيون 26  هين ڏينهن به مک ٽائون آفيس اڳيان بک هڙتالي ڪئمپ جاري رکندي ڳچي ۾ سڪل مانيون ٻڌي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن صحافين اڳيان دانهندي چيو ته پگهارون بند آهن ٻچا بکون برداشت نٿا ڪن،  دڪاندارن راشن ڏيڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو آهي ، اهڙي ناانصافي خلاف 26 ڏينهن کان وٺي احتجاج ڪري رهيا آهيون پر سنڌ حڪومت سميت لاڳاپيل اختيارين طرفان ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو آهي، هنن پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پگهارون جاري ڪيون وڃن.

4

ڀان سيدآباد ويجهو بلاولپور جي ڳوٺ خان محمد لاشاري ۾  2 سالا معصوم نينگر عبدالغفار شاهاڻي ولد حيدر شاهاڻي اک جي ڪينسر  ۾ مبتلا  هئڻ ڪري کائڻ پيئڻ کان لاچار بڻجي ويو سندس جسم ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ،  سخت تڪليف سبب زارو قطار روئڻ لڳو ، سندس  امڙ پنهنجي جگر کي تڪليفن ۾ ڏسي روئي روئي ڏينهن راتيون ڪاٽڻ لڳي ، سندس چوڻ آهي ته گهر جو اله تلهه کپائي نينگر جو علاج ڪرايو ، ڪراچي جي ڊاڪٽرن لاعلاج ڪري گهر واپس روانو ڪيو ، غربت سبب علاج نٿا ڪرائي سگهون ، حڪومت توڙي چونڊيل نمائندن ڪا سار نه لڌي آهي،  معصوم نينگر جا  وارث ڪنهن مسيحيٰ جا منتظر آهن.

5

ٽي ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل گل حسن چانڊيو بازياب ٿي گهر پهچي ويو،  قمبر لڳ نور واھ ڀرسان ڊاڪٽر گل حسن چانڊيو جي گهر مٿان چڙهائي ڪري 3عورتن ۽ هڪ نينگري سميت ڊاڪٽر گل حسن چانڊيو کي کنڀي نامعلوم جڳھ تي رکيو ويو هو جنهن مان ڪالھ رات 3عورتن ۽ هڪ ٻارڙي کي سٽي وومين ٿاڻي تان آزاد ڪرايو ويو هو ۽ ڊاڪٽر گل حسن چانڊيو  کي قمبر شهدادڪوٽ ڀاء پاس ڀرسان بازياب ڪري ڇڏي ويو ، گل حسن چانڊيو جي آزادي کان پوءِ سندن گهر ڀاتين ۽ شهرين ۾ خوشي جي لهر ڇائجي وئي آهي.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.