پکو لڳ گهر مان ڌاڙي جي واردات خلاف متاثرن پاران احتجاجي ڌرڻو،روڊ بلاڪ

پکو لڳ ھٿياربند گھر ۾گھڙي لکين روپين جو ڌاڙو ھڻي فرار ٿي ويا، پکو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڀولا ڪلھوڙا ۾ ھٿياربندن ڳوٺاڻي سيف الله ڪلھوڙو جي گھر ۾ گھڙي ھٿيارن جي زور تي ننڍ پيل گھرڀاتين کي يرغمال بڻائي عورتن کي پاتل زيور لھرايا جنھن ۾ ھڪ عورت جي ڪنن ۾ پاتل زيورن کي لاھڻ ۾ عورت رتورت ٿي وئي جڏھن ته گھر ۾ پيل الماڙيون ٽوڙي 2 تولا سونا زيور , ڏيڍ لک روپيه روڪ رقم ۽ ٻيو گھريلو سامان کڻي فرار ٿي ويا، ٻئي طرف لڳل ڌاڙي واري واقعي خلاف ڳوٺاڻن لاڙڪاڻو _ ڪراچي مين انڊس ھاء وي روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن سيف الله , رحمت الله , صفدر ڪلھوڙو ۽ ٻين چيو ته اسان جي گھر ۾ رات جي پھر ۾ ڌاڙيل گھر ۾ گھري ڦر لٽ ڪري گھر ڀاتين کي يرغمال بڻائي عورتن جي ڪنن مان سونا زيور لاھي زخمي ڪري ويا ، ڳوٺاڻن ايس ايس پي قمبر کان گھر ڪئي ته انهن سان انصاف ڪيو وڃي ، ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ ته ايس ايڇ او پکو ٻڌايو ته واقعي جي جاچ ڪري رھيا آھيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.