حيدرآباد ۾ واسا ملازمن جو پگهار لاءِ مظاهرو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي واسا جي ملازمن يارنهن مهينن جي پگهار، رٽائرڊ ملازمن کي پينشن نه ملڻ، ڪچن ملازمن کي پڪو نه ڪرڻ ۽ وڏي وزير پاران واسا لاءِ ڪروڙ روپين جي سمري جي منظوري ۾ دير ٿيڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون اعجاز حسين، عطر خان چانگ، نيا چانڊيو، عبدالحميد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي. ان موقعي تي ملازم اڳواڻن چيو ته حيدرآباد جي سرڪاري ادارن ڏانهن واسا جون 13 ارب روپين جون رهتون آهن. جڏهن واٽر سپلائي جي مد ۾ سنڌ حڪومت کي هر مهيني 4 ڪروڙ روپيا ادا ڪرڻا هوندا آهن.هنن چيو ته 7 ڪروڙ روپين واري سمري سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ رلي رهي آهي. هنن چيو ته پگهار ۽ پينشن نه ملڻ سبب سندن گهرن ۾ فاقاڪشي آهي. ربيع اول جي احترام ۾ پنهنجو احتجاج اڄ کان حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ڪيو ويندو. ان باوجود سندن مطالبا نه مڃيا ويا ته 12 ربيع الاول کانپوءِ سڄي حيدرآباد جي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال واري نظام کي بند ڪيو ويندو. جنهن جي ذميوار ايڇ ڊي اي ۽ سنڌ حڪومت تي هوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.