ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي سمري وزيراعظم آفيس کي وصول، 3 نالا تجويز

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي سمري وزيراعظم آفيس کي وصول ٿي وئي.

ذريعن موجب نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري لاءِ سمري بچاءَ واري وزات طرفان موڪلي وئي آهي.

حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته بچاءَ واري وزارت ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي سمري ۾ 3 نالا تجويز ڪيا آهن.

ذريعن موجب سمري ۾ ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم جو نالو آهي، جڏهن ته سمري ۾ چيف آف لاجسٽڪ اسٽاف جي ايڇ ڪيو ليفٽيننٽ جنرل ثاقب محمود ملڪ جو نالو به شامل آهي.

حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته سمري ۾ ٽيون نالو ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي آهي.

بچاءَ واري وزارت طرفان نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري لاءِ سمري جي منظوري وزيراعظم ڏيندو، وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جو اعلان ڪيو ويندو.

ان کان اڳ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فواد چوڌري چيو هو ته وزيراعظم ۽ آرمي چيف وچ ۾ نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري تي مشاورت جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ نئين مقرري جو عمل به شروع ٿي چڪو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ به سول ملٽري لاڳاپن جي حوالي سان اڳڪٿين تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي.

وزيراعظم پاڪ فوج ۾ مقررين ۽ بدلين تي ڪابينا ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو ۽ چيو ته اهم عهدن تي مقررين جي حوالي سان ڪو اختلاف ناهي، ان حوالي سان خبرن تي ڪو ڌيان نه ڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.