خضدار سميت وڏن شهرن کي ميٽروپوليٽن جو درجو ڏينداسين: ڄام ڪمال

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان عالياني سان بلوچستان عوامي پارٽي خضدار جي اڳواڻن اخلاق احمد،سردار بلندخان غلاماني،مير احمد خان گنگو، مير جاويد خدراڻي،يونس گنگو،انجنيئر عتيق ساجدي، اڪرم بلوچ، ميرعرفان گنگو، مير اياز الله باجوئي،حاجي رسول بخش خدراڻي، ياسر لانگو، نياز مينگل، ميراسد غلاماني، وڏيرو ڪليم الله خدراڻي ملاقات ڪئي ۽ خضدار جي مسئلن کان آگاهي ڏني، ڄام ڪمال خان چيو ته خضدار جا مسئلا حل ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهيا آهيون، خضدار سميت بلوچستان جي سمورن وڏن شهرن کي جلد ئي ميٽروپوليٽن جو درجو ڏنو ويندو، جنهن سان مسئلن ۾ گهٽتائي ۽ شهري ترقي ۾ مدد ملندي،هن چيو ته منشيات جي عادي ماڻهن کي ڪارآمد فرد بڻائڻ لاءِ بحالي سينٽر بڻائي رهيا آهيون،هن هدايت ڪئي ته بسيمه سيڪشن جي متاثرن کي معاوضن جي ادائيگي جلد ڪئي وڃي ، هن اسپورٽس ڪمپليڪس، ڪارڊيو اسپتال، شهر لاءِ وڌيڪ ٻن فيڊرز جي فراهمي، آرڪيالاجي ميوزيم جي تعمير، خضدار کان ڪنجهڙ ماڙي روڊ ۽ اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ جا مسئلا به جلد حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي،ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر بابر موسيٰ خيل، صوبائي وزير سردار عارف جان محمد حسني، ڪمشنرقلات بشيراحمد بازئي، ڊي سي خضدار ميجر(ر)بشير احمد بڙيچ، ايس ايس پي ارباب امجد ڪاسي به موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.