بحريا ٽائون انتظاميه جي وري ڳوٺن تي ڪاهه!

بحريا ٽائون انتظاميه تقريبن ٻن مهينن جي وقفي بعد وري ملير پوليس ۽ پنهنجي گارڊن جي وڏي نفريءَ سان ملير جي قديمي ڳوٺن علي داد گبول ، امام بخش گبول ، علي بخش گبول تي چڙهائي ڪري ڪيترن کي گهرن کي بلڊوزرن ۽ ڳرين مشينن سان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي خلاف ڳوٺاڻن مزاحمت ڪندي پنهنجن ڳوٺن ۽ گهرن کي بچائي ورتو آهي، جڏهن ته علائقي ۾ وري خوف ۽ هراس واري ڪيفيت پيدا ٿي وئي آهي، مذڪوره ڳوٺن تي وري چڙهائيءَ بعد سنڌ جي سياسي شعور ۽ ساڃاهه وندن وري پنهنجي احتجاج کي شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته امڪان اهي آهن ته بحريا ٽائون انتظاميه وري وجهه وٺي انهن ڳوٺن کي ڊاهي پٽ ڪرڻ لاءِ وري وري ڪوششون ڪندي رهندي، بحريا انتظاميه جي اهڙي چڙهائيءَ بعد ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻن اعجاز سامٽيو، غلام مصطفى چانڊيو، ڊاڪٽر علي نواز گبول پارٽي ڪارڪنن سان گڏجي قبضي هيٺ آيل علي داد گبول ڳوٺ، امام بخش گبول ڳوٺ، علي بخش گبول ڳوٺ، عمر ڳوٺ جو دورو ڪري ڳوٺاڻن سان ملاقاتون ڪيون.جڏهن ته جيئي سنڌ قومي محاذ ڪراچي جي ڊويزنل آرگنائزر الاهي بخش بڪڪ جو چوڻ آهي ته بحريا ٽائون انتظاميا سنڌ جي آواز کي دٻائي نٿي سگهي، اسين سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت لاءِ نڪتا آهيون پوءِ ڇو نه اسان کي زندانن ۾ وڌو وڃي ۽ ڪوڙا ڪيس مڙهيا وڃن پر اسين بحريا انتظاميا کي ڪنهن به صورت ۾ غيرقانوني طور تي والار ڪرڻ نه ڏينداسين.

6- جون 2021ع تي بحريا ٽائون ڪراچيءَ جي سامهون سنڌ ايڪشن ڪميٽيءَ جي تاريخي احتجاجي جلسي جنهن ۾ سموري سنڌ مان لکين ماڻهن شرڪت ڪئي هُئي، احتجاج انتهائي پرامن هو جنهن کي بحريا ٽائون جي انتظاميه ۽ شرپسندن پرتشدد ۽ تخريبي بنائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ بحريا ٽائون جي مکيه دروازي کي باهه ڏياري ڇڏي، جنهن بعد سنڌ ايڪشن ڪميٽيءَ جي تقريبن سمورن اڳواڻن سميت سوين ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا، جنهن ۾ دهشتگرديءَ جو ايڪٽ پڻ شامل هيو.

بحريا ٽائون آڏو سنڌي عوام جو سمنڊ وانگر ڇوليون هندڙ پرامن احتجاج ڪراچيءَ جي تاريخ جو پهريون احتجاج هيو جنهن ۾ ڪنهن ڪارڪن هڪ بس يا عمارت جو شيشو به نه ٽوڙيو هيو، انهيءَ احتجاج جي رپورٽنگ سموري دنيا جي ميڊيا ڪئي ۽ سموري پاڪستان جي ساڃاهه وندن اهڙي پرامن احتجاج ڪرڻ تي سنڌي عوام جي سياسي شعور کي نمي سلام ڪيو. جون کان ٻن مهينن جي وقفي بعد بحريا ٽائون اڳ کان وڌيڪ سگهاري نموني سنڌي ڳوٺن تي چڙهائي ڪئي آهي، جيڪا ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ٿي، جن مان ڪجهه سوال هن ريت آهن، بحريا ٽائون کي سنڌي ڳوٺن ڊاهڻ جو ڪهڙو حق آهي، ان کي اهڙي اجازت ڪير ٿو ڏئي، سنڌي ڳوٺن جي ڊاهڻ خلاف آخر ڪار سنڌ حڪومت نوٽيس ڇو نه ٿي وٺي ۽ هڪ انتهائي اهم سوال تي پوليس بحريا ٽائون جي انتظاميه سان گڏجي قديم ڳوٺن تي چڙهايون ۽ ڳوٺاڻن جون گرفتاريون ڇو ٿي ڪري ان کي آخر ڪار اهڙو اختيار ڪنهن ڏنو آهي.

بحريا ٽائون ۽ ڪراچيءَ ۾ ٻيون ڪيتريون سوسائٽيون هاڻي هڪ اهڙو سوال ٿي ويون آهن جنهن جو سنڌي عوام کي جواب ملڻ ضروري آهي، سنڌ جي ساڃاهه جو اهو چوڻ آهي ته سنڌ تي پهريون ۽ آخري حق رڳو سنڌين جو آهي ۽ سنڌين جي اهڙي حق جي پاسداري ۽ خاطري 1947ع جي سمورين قراردادن، معاهدن ۽ شقن ۾ ڪئي وئي آهي، جن تي ڪنهن به طور تي عمل نه پيو ٿئي، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان جي هڪ وفاقي ملڪ هجڻ جي حيثيت ۾ باقي ٽن صوبن جو عوام ۽ حڪومتون پنهنجن صوبن ۽ وسيلن تي ڪنهن به حق تسليم نه ٿيون ڪن ۽ وري ٽنهي صوبن جو عوام گڏجي ڪري سنڌ جي وسيلن جو استحصال ڪرڻ پنهنجو حق ٿو سمجهي، سنڌ جي حوالي سان اها اهڙي اذيت ناڪ ڪيفيت ۽ ناانصافي آهي جنهن جو ازالو ٿيندي به نظر نه ٿو اچي.

بحريا ٽائون ۽ ڪراچيءَ ۾ ٻين انيڪ سوسائٽين جي نالي ڪراچيءَ جي زمينن تي جيڪي قبضا ڪيا ويا آهن، اهي ويجهي مستقبل ۾ ڪنهن وڏي سانحي کي جنم ڏئي سگهن ٿا، سوال هي آهي ته ڪراچي سنڌ جو تخت گاهه ۽ صنعتي مرڪز آهي جتي ٻين صوبن جو عوام رزق روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ اچي ٿو ، جڏهن ته هاڻي سنڌ جي مختلف علائقن مان سنڌي عوام جو هڪ وڏو انگ پڻ بيروزگاريءَ ڪري ڪراچي اچي رهيو آهي، ڪراچيءَ ۾ سندن لاءِ جيڪو مسئلو سڀ کان پهريان اڀري ٿو اهو آهي، سندن جي رهائش لاءِ زمين جو نه هجڻ يا ايترو مهانگو هجڻ جن کي خريد ڪرڻ سندن جي وس ۾ نه آهي، اهڙي صورتحال ۾ رڳو هڪڙو ئي سوال اڀري اچي ٿو، ته ايندڙ پنجن ستن سالن ۾ڪراچيءَ ۾ ڪروڙ ڏيڍ جي لڳ ڀڳ سنڌي ماڻهو موجود هوندا ۽ ان وقت انهن جي گهر ٺاهڻ لاءِ زمين جو ٽڪڙو به بچيل نه هوندو ته صورتحال انتهائي ڳنڀير هوندي.

هن موقعي تي اسان سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت کي اها ئي گذارش ڪنداسين ته مهرباني ڪري ڪراچي ۾ سنڌي عوام جي رهائشن جي مسئلي کي زمين تي قبضي جي صورت ۾ پيچيده نه بڻايو ائين نه ٿئي ته اهڙي صورتحال ڳنڀير ٿي وڃي، ان موقعي تي اسان بحريا ٽائون انتظاميه کي پڻ اها ئي گذارش ڪنداسين ته مهرباني ڪري اوهان جيترو خوبصورت شهر جوڙيو آهي، هاڻي ان جي تحفظ ۽ بقا لاءِ ضروري آهي ته اوهان ان اندر آباد قديم ڳوٺن کي به شهري سهولتون ڏئي انهن کي پنهنجي ٽائون پلاننگ جو حصو بڻايو نه ڪي انهن جي زمينن تي قبضا ڪريو، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اوهان پاڻ به جيئو ۽ ٻين کي به جيئڻ ڏيو.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.