خيرپور: دوستي نه رکڻ تي جوابدار پرڻيل عورت تي تيزاب هاري ڇڏيو

 

خيرپور (ويب ڊيسڪ) خيرپور ۾ دوستي نه رکڻ تي جوابدار پرڻيل عورت تي تيزاب هاري ڇڏيو.

پوليس موجب اي سيڪشن ٿاڻي جي حد سينٽرل جيل ڀرسان رهندڙ عورت پياري باگڙي تي جوابدار تيزاب سان حملو ڪيو.

جوابدار لڇمڻ متاثر عورت کي مسلسل دوستي لاءِ تنگ ڪندو هو، انڪار تي سندس چهري تي تيزاب هاري ڇڏيائين.

متاثر عورت پياري باگڙي جو تيزاب سبب چهرو سڙي ويو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.