ڪراچي: چرس رکڻ جي ڏوهه ۾ جوابدارن کي عمر قيد ۽ موت جي سزا

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي اسپيشل ماڊل ٽرائل ڪورٽ 3 هزار ڪلو گرام کان وڌيڪ چرس هٿ اچڻ جي ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي سزا ٻڌائي ڇڏي.

اسپيشل ماڊل ٽرائل ڪورٽ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار نعيم اختر کي موت جي سزا ۽ جوابدار سميع الدين کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي.

عدالت جوابدار نعيم اختر جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ۽ جوابدار سميع الدين تي 10 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هڪ جوابدار سيد اطهر حسين ٽرائل دوران فوت ٿي چڪو هو.

اينٽي نارڪوٽڪس فورس موجب نومبر 2012 ۾ ڳجهي اطلاع تي مرشد اسپتال مواڇ ڳوٺ ۾ گاڏي کي روڪيو ويو هو، گاڏي جي تلاشي دوران 100 ڪلو منشيات هٿ آئي هئي.

اي اين ايف موجب پوءِ جوابدارن جي نشاندهي تي مواڇ ڳوٺ ۾ گودام تي ڇاپو هنيو ويو، جنهن ۾ 3 هزار 213 ڪلو گرام چرس هٿ آيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.