ڪامران افضل چيف سيڪريٽري ۽ رائو سردار آءِ جي پنجاب مقرر

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي ڪابينا  پنجاب جي چيف سيڪريٽري جواد رفيق ۽ آءِ جي پنجاب انعام غني کي تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏئي  ڇڏي آهي.وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ اندر ڪورونا جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته چنڊ ڏسڻ بابت قانونسازي تي سفارشون به پيش ڪيون ويون. گهرو وزارت طرفان نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان جي دوري بابت بريفنگ ڏني وئي.وفاقي ڪابينا اجلاس جي ڪارروائي دوران  پنجاب جي چيف سيڪريٽري جواد رفيق  جي جڳهه ڪامران علي افضل کي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. جڏهن ته آءِ جي پنجاب جي مقرري لاءِ رائو سردار جي نالي جي به منظوري ڏني وئي آهي.ٻڌايو ويو آهي ته ڪامران علي افضل  هن وقت وفاقي سيڪريٽري انڊسٽريز جڏهن ته رائو سردار ايم ڊي سيف سٽي اٿارٽي پنجاب مقرر آهن.03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.