مٺي: پ پ پاران خورشيد شاھ تي ڪيس داخل ڪرڻ ۽ وفاقي سرڪار جي زيادتين خلاف ريلي

مٺي ۾ پ پ پ پاران  سينئر اڳواڻ خورشيد شاھ تي ڪيس داخل ڪرڻ  ۽ کيس 2 سال کان قيد ۾ رکڻ سميت وفاقي سرڪار جي زيادتين خلاف مقامي چونڊيل نمائندن جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، چونڊيل نمائندن ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي،انجنيئر گيان چند،قاسم سراج سومرو،فقير شير محمد بلالاڻي،سينيٽر ڪرشنا ڪماري،دوست محمد راهمون، پونجو مل ڀيل،نند لال مالهي،سشيل ملاڻي،ڪملا ڀيل،سمترا منجياڻي جي اڳواڻي ۾ صادق فقير چوڪ کان ڪشمير چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو ، ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن  چيو ته خورشيد شاھ کي ڪوڙن ڪيسن ۾ 2 سالن کان قيد رکڻ قانون جو ٻٽو معيار ۽ نيب گردي آھي،ملڪ ۾ نيب ۽ ٻين ادارن کي وفاقي سرڪار پ پ پ جي قيادت خلاف بنا جواز  استعمال ڪري رهي آھي،هنن چيو ته هو  انتقامي ڪاررواين جي سخت مذمت ڪن ٿا ،قانون ۾ ٻٽو معيار برداشت نه ڪنداسين، هنن مطالبو ڪيو ته خورشيد شاه تان ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ حالتن جي ذميوار عمران حڪومت هوندي،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.